چيڻوٺي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

چِيڻوٺي کي ڪي ماڻهو لالڙي چوندا آهن. هندستانيءَ ۾ گُنگچي چونس ٿا. انگريزيءَ ۾ وائلڊ لِڪرس (يعني جهنگلي ملٺي يا مٺي ڪاٺي) ٿا چونس. ڪتابي نالو اٿس آبرس. هيءَ هڪڙي سائي ول آهي، جنهن جي کليل ڦرين ۾چڻي جيڏا ڳاڙها داڻا ٻج جا رهن ٿا، جن تي ڪارو داغ رهي ٿو. ڏاڍو سهڻو ٿيندو آهي. اهي سونارا وزن ڪرڻ ۾ ڪم آڻيندا آهن ۽ ٻيا ماڻهو پوئي هار ڪندا آهن، يا ٻئي ڪنهن سونهن جهڙي ڪم ۾ آڻيندا آهن. هن جو هڪڙو قسم آهي، جنهن ۾ عاج جهڙا اڇا داڻا ٿيندا آهن. هنجا گل ننڍڙا ڦِڪي واڱڻائي رنگ جا ٿيندا آهن. هن جو ٻج سانوڻ جي ڏينهن ۾ پوکبو آهي.[1]

طب[سنواريو]

نالا: ع. عين الديڪ، ف. چشم خروس، هه. وغيره___ گهونگهچي، والي سرخ، تخم ۽ خمخ.
اثر: گرم خشڪ 3، نقصان: گرم مزاجن کي، ۽ مٿي جو سور، ميل: ڌاڻا تازا، (ڪوتمير)، وزن: اڌ کان ڏيڍ رتي.
سڃاڻپ: ڳاڙهي رنگ جو جوئر جي داڻن کان ٿورو وڏو ٻج جو قسم آهي. هن جا ٻه - ٽي قسم ٿيندا آهن (هڪ اڇو، ٻيو ڪارو ۽ ٽيون ڳاڙهو).
خاصيت: دل ۽ دماغ کي خوش ڪندڙ آهن. مني ۽ قوت باهه وڌائي ٿو، امساڪ پيدا ڪن ٿيون.

دماغ ۽ سيني جي رطوبت کي خشڪ ڪن ٿيون، يرقان، ٻرهل، سنڌن جي سور ۽ سيني جي بيمارين ۾ مفيد آهي. اهل صنعت جا اُن کي پاري ۾ عقد ڪندا آهن. هن طرح: پنن ۽ چيڻوٺين جو اڌ پاءُ جيترو وزن کڻي گهوٽي، لغدو ٺاهي اُن ۾ پارو ٻه تولا رکي گلحڪمت ڪري پنج سير ڇيڻن ۾ باهه ڏجي ته پارو عقد ٿي ويندو.[2]

حوالا[سنواريو]

  1. ڪتاب: باغ ۽ باغباني؛ ليکڪ: مرزا قليچ بيگ؛ ايڊيشن:1960؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو
  2. ڪتاب فرھنگ جعفري :؛ ليکڪ: حڪيم محمد جعفر؛ايڊيشن: 2007؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو