چيني رسم الخط

کليل ڄاڻ انسائيڪلوپيڊيا، وڪيپيڊيا مان
ڏانھن ٽپ ڏيو: رھنمائي, ڳولا
«مضمون چيني ٻولي:کان ڀُل مغالطو نه کائو»۔
«مضمون تحريري چيني:کان ڀُل مغالطو نه کائو»۔
عڪس:Chi01.jpg
چيني ٻولي جو سفر

چيني رسم الخط (انگريزي ٻولي: Chinese characters) چيني اکر علامَتِ لفظ ( logograms) آهن، جيڪي تحريري چيني چيني ٻولي ۽ ٻين ايشيائي ٻولين جي لکڻ لاءِ استعمال ڪيا ويندا آهن.چيني ٻولي دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ ڳالهائي ويندڙ ٻولي آهي۔ هن جو رسم الخط گهڻ ئي حوالن کان دنيا جي تمام ٻين ٻولين کان منفرد آهي۔ چيني هاڻوڪي دنيا جي واحد ٻولي آهي، جيڪا اڄ تائين تصويري رسم الخط ۾ رائج آهي۔

تاريخ[سنواريو]

چين جي تاريخ ٻڌائي ٿي ته چين جي شروعاتي بادشاهه ”فوهسي“ چينين کي مهذب بڻائڻ جي لاءِ پنهنجي روشن دماغ راڻي جي مدد سان ڇهه قسمن جا اکر ٺاهيا، جيڪي چيني رسم الخط جي بنياد بڻيا. چين جي قديم آثارن مان جيڪي شيون مليون آهن انهن جي لکت پنهنجي انداز ۾ لکت سان سان هڪجهڙائي رکي ٿي۔ ايئن لڳي ٿو ته قديم زماني کان چيني ٻولي ۽ ان جي لکت جي صورت ۽ ڪيفيت هڪ ئي رهي آهي ٽن هزار سال ۾ چيني خط ۾ تمام گهٽ فرق آيو آهي۔ بس تصويري خط ۾ ڪجهه وڌيڪ صوتي نشانن جو اضافو ٿيو آهي۔

چيني زبان جي انفراديت[سنواريو]

عڪس:Chi02.jpg
چيني خط جا 12 اسٽروڪ

چيني ٻولي دنيا جي سڀني ٻولين کان مختلف هئي ۽ آهي، هن زبان ۾ نه الف بي وار ترتيب وارا اکر آهن نه هِجي، نه قائدا ۽ نه ئي لفظن جي ورهاست هڪ ئي لفظ سياق و سباق، مضمون ۽ لَهجي جي اعتبار کان اسم ذات، اسم صِفتِ، فعل ۽ حال ٿي سگهي ٿو۔ پر هڪ ”هڪ هجّائي“ لفظ چئن کان نَو لهجن تائين ادا ڪري سگهجي ٿو ۽ جنهن لمحي ۾ اهو ادا ٿيو آهي ان لحاظ کان ان جي معنيٰٰ ۾ به فرق هوندو آهي ان جي لکڻ جو انداز به عجيب آهي، سِٽون افقي جي بدران عمودي هونديون آهن.

چيني زبان ۾ عام ڳالهه ٻولهه جي لاءِ ٻن کان ٽِن هزارن تائين لفظ استعمال ٿيندا آهن، اخبار يا ڪتاب پڙهڻ لاءِ ساڍا ٽي هزار نشانين جو ڄاڻڻ ضروري آهي، هڪ يونيورسٽيءَ جي شاگرد کي ڇهه هزار نقشا سکڻا پون ٿا، جڏهن ته هڪ چيني ٽائپ رائٽر ۽ ڳڻپيندڙ ۾ پندرنهن کان ويهه هزار علامتون ڪم اچن ٿيون.

چيني زبان لکڻ جي لاءِ هر لفظ منجهيل آڏين لڪين سان ملي ڪري ٺهي ٿي جِن کي اسٽروڪ (Stroke) چيو وڃي ٿو، بنيادي طور تي چيني لپيءَ ۾ 12 اسٽروڪ استعمال ٿينداآهن.

مرڪب علامتون[سنواريو]

سج
پهاڙ ٽڪري
هاٿي
پڪٽو گرام جي ارتقا
عڪس:Chi03.jpg
مرڪب علامتون

چيني ٻوليءَ جي هڪ ٻئي خاص ڳالهه هيءَ آهي ته هزارين سال پهرئين جيڪي نشان استعمال ٿيندا هئا هينئر تائين انهن ۾ ڪو به واڌارو ناهي ٿيو۔ چيني ٻوليءَ ۾ ڪو به نئو لفظ ايندو آهي ته ان جي لاءِ نئون اکر ناهي ٺاهيو ويندو، بلڪي پراڻن اکرن کي ملائي نئون مرڪب اکر ٺاهيو ويندو آهي۔ ان جو مثال هيئن وٺو ته مرڪب لفظ سنڌيءَ ۾ به موجود آهن، مثلاً لفظ خرگوش، خر (گڏهه) ۽ گوش (ڪَن) جو مجموعو آهي، گڏهه وانگر ڊگهن ڪنن جي سبب ان کي خرگوش چيو وڃي ٿو۔

چيني ٻوليءَ جون ڪجهه مرڪب علامتون ڏاڍيون دلچسپ ۽ مذيدار آهن، مثال جي طور تي:

  • عورت + عورت = جهيڙو
  • عورت + عورت + عورت = سازش
  • عورت + مڪان = سڪون
  • عورت + جهاڙو = زال
  • عورت + ٻچو = محبت
  • مرد + عورت = تحفظ
  • مرد + لفظ = سچائي
  • مرد + ٽڪري = راهب
  • هٿ + لڪڻ = بزرگ
  • هٿ + اَکِ = نظر
  • هٿ + هٿ = دوستي
  • منهن + ٻاف= لفظ
  • منهن + دروازو = پڇڻ
  • منهن + جهرڪي = گانو
  • سج + چنڊ = روشني
  • سج + اُفق = صبح
  • سج + وڻ = اوڀر
  • وڻ + وڻ = جهنگ
  • وڻ + وڻ + وڻ = ڇانورو
  • گهوڙو+ گهوڙو + گهوڙو = ڊوڙڻ
  • وچ + سلطنت = چين
  • وڏي + سلطنت = انگلستان


درشڻ خانو[سنواريو]