مواد ڏانھن ٽپ ڏيو

چيراتو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

چيراتو:

نالا: ع. قصب الذريره، ف. ٽي نهاوندي، هه. وغيره___ چرائته، ارمنيقون، فالاس ۽ برڪفه.

طب[سنواريو]

اثر: گرم خشڪ 2، نقصان: چيلهه جي سور کي، ميل: سؤنف رومي، عيوض: بنفشه ۽ صندل، وزن: پنجن کان ست ماسا. سڃاڻپ: هي مشهور ڪاٺيون ۽ پن سڪل ڪاري رنگ جا ٿين ٿا. ذائقي ۾ تمام ڪڙو آهي. خاصيت: هن جو ڪاڙهو ڪري پيارجي ته دل ۽ جگر کي تقويت ڏيندو، جلندر، سيني ۽ جگر جي سور، وائي بادي ۽ سخت سوڄن کي تحليل ڪرڻ، کنگهه، دمڪشي، ماليخوليا، جنون ۾ مفيد آهي. پيشاب کي جاري ڪري ٿو، مثاني جي ڦٽ، رحم جي بيمارين، نون ۽ پراڻن تپن لاءِ گهڻو مجرب آهي.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. ڪتاب فرھنگ جعفري :؛ ليکڪ: حڪيم محمد جعفر؛ايڊيشن: 2007؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو