چوڏهن معصوم
ڏيک
چوڏهن معصوم | |
---|---|
چوڏهن معصوم اصل ۾ ’چهارده معصومين عليهم السلام‘ کي سنڌيءَ ۾ ’چوڏهن معصوم‘ چوندا آهن.
اسم مبارڪ
[سنواريو]چوڏهن معصومن مان مراد:
- 1. سرور ڪائنات حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليه وسلم
- 2. حضرت علي عليه السلام
- 3. حضرتَ بيـبـي فـاطـمـة الـزهـريٰ رضه
- 4. حـضـرت امـام حـسـن عه
- 5. امـام حـسـيـن عه
- 6. امـام زين العابدين رضه
- 7. امام محمد باقر رضه
- 8. امام جعفر صادق رضه
- 9. امام موسيٰ ڪاظم رضه
- 10. امام موسيٰ الرضا رضه
- 11. امام محمد تقي رضه
- 12. امام علي نقي رضه
- 13. امام حسن عسڪري رضه
- 14. امام مهدي رضه آهن.
سنڌ ۾
[سنواريو]چوڏهن معصومن جي سوانح حيات تي لاتعداد ڪتاب شايع ٿي چڪا آهن، پر تازو ايران جي شهر قم جي هڪ ديني مڪتب ’مجمع جهاني اهلبيت‘ مان چوڏهن جلدن ۾ چوڏهن معصومين تي هڪ ڪتاب شايع ٿيو آهي، جنهن ۾ سنڌ بابت به ڪافي مواد موجود آهي. ڪتاب ۾ اهو به ڄاڻايل آهي ته حضرت امام حسينعه ۽ امام زين العابدينعه جون گهر واريون سنڌياڻيون هيون. امام جعفر صادقعه جي نامور چئن سنڌي اصحابن جو به تفصيلي ذڪر هن ڪتاب ۾ موجود آهي. ان سان گڏ امام موسيٰ الرضاعه جو سنڌ مان آيل هڪ عقيدتمند سان سنڌي ٻوليءَ ۾ڳالهائڻ جو تذڪرو به ٿيل آهي.[1]
حوالو
[سنواريو]حوالا
[سنواريو]- ↑ ڪتاب: انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد چوٿون، ڇپيندڙ: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي (ISBN 978-969-9098-80-2) سال: 2012