چوپڙ راند

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

چوپڙ راند:(انگريزي: Choparr game) هي راند خاص ڪري وڏن ڳوٺن ۾ ۽ ٿورو ٻهراڙين ۾ اڪثر اونهاري جي منجهند جو ڏينهن ٺرڻ مهل پوڙها ۽ جواب ٻه يا چار ڄڻا گڏجي ڪندا آهن. هن ۾ ٽي ڍارا عاج جا چورس ٺهيل هوندا اهن، جن جي پاسن تي گول نشان هڪ، ٻه، پنج ۽ ڇهه هوندا آهن، جي هٿ سان ٽيئي گڏ اُڇلائبا آهن. ساريون جن کي سوگِٺيون به چون، جملي سورهن هونديون آهن، جي ڪاٺ جون گول ۽ مٿان گنبذَ وانگر جنڊيءَ چڙهيل، پڪي رنگ سان ٿينديون آهن. چوپڙ ڪپڙي جي ٺهيل، چؤپلاندي رِلڪي جنهن تي خانا نشان ٿيل هوندا آهن. ڪن تي زري ۽ ڪلابات جو ڪم ٿيل هوندو آهي. راند ڪرڻ مهل مرضي موجب کولي راند ڪري پوءِ ويڙهي رکي ڇڏبي آهي. ڍارا نه هجن ته انهن جي بدران ست ڪوڏيون به ڪم آڻيندا آهن[1].


حوالا[سنواريو]

حوالا[سنواريو]

  1. ڪتاب جو نالو ؛ تاريخ ريگستان (ڀاڱو ٻيون) -مصنف؛ رائچند هريجن -ايڊيشن؛ ٽيون- سال؛ 2005ع -ڇپائيندڙ؛ سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو