چونڪ
ڏيک
چونڪ (Quatrain) جي لفظي معنيٰ آهي، ”چئن جو ميڙ“؛ يعني اُها جاءِ، جتي چار شيون اچي پاڻ ۾ گڏ ٿين يا اُهو هنڌ، جتي چئني طرفن کان رستا يا واٽون اچي هڪ ٻئي سان ملن. اصطلاحي معنيٰ موجب، ”چونڪ“ هڪ شعر جو قسم آهي، جنهن ۾ چار هم وزن سٽون گڏ ٿين ٿيون. اُنهن مان پهرين ۽ چوٿين سٽ جو قافيو هڪ جهڙو ٿيندو آهي ۽ باقي وچ واريون ٻه سٽون (ٻي ۽ ٽين سٽ) قافيي کان بلڪل آزاد هونديون آهن. چونڪ جي شروعات سنڌ ۽ هند جي شاعريءَ ۾ ٿيل محسوس ٿئي ٿي. سنڌي شاعرن به هن صنف تي طبع آزمائي ڪئي آهي. چونڪ ۾ اڪثر تشبيهي ۽ اخلاقي مضمون پيش ڪيا وڃن ٿا:[1]
- ٻٻر ڪڏهن ڪو ٻير ڏئي ٿو!
- سهڻا ٽوهه پٽن تي پيا هن.
- هر ڪو پنهنجو بڻ ٿو ساري،
- ڌاريو پنهنجو ٿي نه سگهي ٿو.
- (مير محمد پيرزادو)
حوالا
[سنواريو]- ↑ ڪتاب: ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي