چونرا

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو

چؤنرا چئونرن جا به مٽرن وانگي گهڻا ئي قسم آهن. ڪي ولايتي آهن ڪي هتي جا آهن. ڪن جون ڦريون وڏيون ۽ ڪن جون ننڍيون ٿيون ٿين. ڪي جا داڻا وڏا ۽ ڪن جا ننڍا؛ ڪن جا گول، ڪن جا بُڪيءَ جي شڪل جهڙا ۽ ڪن جا چوڪنڊا ٿيندا آهن.'

ٻج اڪثر آڪٽوبر ۽ نومبر مهيني ۾ پوکبو آهي. وڏي قد جو ٻج ته پهريائين گرم پاڻيءَ ۾ ٻارهن ڪلاڪ ڀڄائي پوءِ پوکيندا آهن نه ته ڦٽندو ئي ناهي. ٻج زمين ۾ ٻه انچ اونهون وجهندا آهن ۽ ٻن ٻن فوٽن تي ٻٽيون چريون کڻندا آهن. جڏهن ٻور ۽ گل ڪن تڏهن انهن جون چوٽيون انچ جيترو ڇني ڇڏجن ته ڦرين ڪڍڻ ۾ زور رکن. ٻج پهرين ڪونڊين ۾ پوکي پوءِ ڪڍي زمين ۾ رکڻ چڱو آهي.

ڪن قسمن کي ٽيڪ جو کپ ڪو نه ٿو ٿئي، مگر اڪثر ٽيڪ گهرن ٿا. اهي ولين وانگي ٿين ٿا ۽ ڪدوءَ جي ول وانگي مَنهنَ تي چڙهي ويندا آهن ۽ ڇانوءَ ڪري بيهندا آهن. جڏهن ٻج چرين ۾ پوکبو آهي تڏهن چريون ٻه فوٽ پري ڪبيون آهن ۽ ٻن ٻن انچن تي ٻج هڻبو آهي ۽ هڪڙو انچ هيٺ زمين ۾ گهڙبو آهي. ٽن چئن ڏينهن ۾ ڦٽندو آهي ۽ قريب ڇهن هفتن ۾ تيار ٿيندو آهي. گهڻيءَ اُس لڳڻ ڪري وڻ سست ٿيو پوي ۽ پنن کي جيت لڳيو وڃي. چؤنرن جي لاءِ زمين کي گهڻو ڀاڻ نه گهرجي.[1]

طب[سنواريو]

نالا: ع. ترمس، ف. باقلا مصري، هه. وغيره___ جهالر، تهين، جرجر مصري، ثامر ۽ سهيلا. اثر: سرد خشڪ: نقصان دير هضم، ميل: بادام روغن، عيوض: بهوئي چؤنرا، وزن: هضم مطابق. سڃاڻپ: هي ٻج آهي، هن جا داڻا اڇا ڊگها ڦرين ۾ ٿيندا آهن، ذائقي ۾ ڦڪو. خاصيت: بدن کي ٿلهو ڪن ٿا، قوت باهه ۽ منيءَ کي وڌائين ٿا، حيض ۽ پيشاب کي جاري ڪن ٿا، مثاني جي ڦٽ، سيني ۽ ڦڦڙن جي رطوبت کي خشڪ ڪرڻ لاءِ مفيد آهن. هنن کي پاڻيءَ ۾ ڪاڙهي، اُهو پاڻي پيارجي ته گردي جي سور، قولنج ۽ وائي باديءَ جي تحليل ڪرڻ لاءِ مفيد آهن. جنهن زال جي پيٽ ۾ ٻار مري وڃي ته اهو پاڻي گهڻي انداز ۾ تيار ڪري ان ۾ هن کي وهارجي ۽ ڪجهه پاڻي پيارجي ته ٻار نڪري ايندو. منهن تي پيل ڇانئين ۽ ڪارن داغن لاءِ هن جو غازو استعمال ڪجي، خنازير لاءِ به مفيد آهي..[2]

حوالا[سنواريو]

  1. ڪتاب: باغ ۽ باغباني؛ ليکڪ: مرزا قليچ بيگ؛ايڊيشن:1960؛پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو
  2. ڪتاب فرھنگ جعفري :؛ ليکڪ: حڪيم محمد جعفر؛ايڊيشن: ۲۰۰۷؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو