چوب چيني

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

چوب چيني:

نالا: ع. خشب الصيني، ف. بيخ چيني، هه. وغيره___ چوب چيني، سراس ۽ سوب چيني.

طب[سنواريو]

اثر: گرم تر 1، نقصان: گرم مزاجن کي، ميل: انار ۽ ڦوٽا، عيوض: عشبو، وزن: ڇهه ماسا. سڃاڻپ: هيءَ پاڙ آهي، جنهن جا ٽڪر ننڍا ۽ اڇي رنگ تي ٿيندا آهن، هن کي ڀڃبو ته اندر رنگ گلابي هوندس، هن جا ٻه - ٽي قسم آهن. خاصيت: دل ۽ دماغ کي خوش ڪري ٿو، معدي ۽ جگر کي قوت ڏئي ٿو، گهاٽي رت کي صفا ڪري ٿو، حيض ۽ پيشاب جاري ڪري ٿو، ماليخوليا، خفقان، سنڌن جي سور، عرق النسا، بادفرنگ جي ڦٽن، ڦرڙين، جلندر، ٻرهل، مٿي جي سور، دماغ، سيني، ڦڦڙن جي رطوبت کي خشڪ ڪرڻ لاءِ، جگر جي سدن کي ڪڍڻ لاءِ ۽ اکين جي بيمارين ۾ مفيد آهي..[1]

حوالا[سنواريو]

  1. ڪتاب فرھنگ جعفري :؛ ليکڪ: حڪيم محمد جعفر؛ايڊيشن: 2007؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو