چندن ھار

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو

چندن هار:


ڳيچيء جي ھڪ زيور جو نالو. هي سڀني زيورن ۾ گهڻو وڏو ٿئي. هن جي ويڪر به وڏي ته ڊگهائي به وڏي ٿئي. هي ڳچيءَ کان وٺي دن کان ٻه آڱر کن ڊگهو ٿئي. ۽ ويڪر ٽي آڱر کن ٿئي. هن ۾ هڪ چانديءَ جي زنجير ٿئي، وري جڙات تي چانديءَ جي زنجير اهڙي نموني سان ٽن _ چئن آڱرين بعد وري هڪ چانديءَ جو ٽڪنڊو ٽڪر ٿئي، جنهن جي مٿان آرسيءَ وانگيان هڪ خالي ۽ رنگين شيشو ٿئي، جيڪو زيورن ۾ استعمال ٿئي ٿو. اهڙي طرح سڄي چندن هار ۾ ٿيندو، ۽ آخر جو اچي هڪ ننڍڙي دهلڙي ٿئي، جنهن کي ”ڍولڻو“ به چئبو آهي[1]

حوالا[سنواريو]

  1. {رسالو: سرتيون؛ مضمون : سنڌي زيور؛از: زيڊ اي شيخ ؛ جون 1995؛ پبلشر:سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو}