چنبو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

چنبو:

چنبي جو زور سنڌ کان ٻاهر به آزمايو ويندو آهي. انهيءَ طريقي ۾ وڏو فرق آهي. هتي چنبي ڏيڻ جو هي رواج آهي، ته ٻه زور آزمائڻ وارا هڪٻئي سامهون هيٺ ٿي ويهندا، پوءِ ٻئي پنهنجي سڄي هٿ جون تريون ائين ملائيندا، جو آڱريون هيٺ ٿين. پوءِ آڱرين جي وچ ۾ آڱريون ڏيندا، اهڙي طرح جو آڱوٺو وري اچي آڱوٺي سان ملي. پوءِ هڪڙو هٿ جهلڻ واري جي ڪارائيءَ ۾ وجهندو. هٿ ٻنهي جا پٽ تي هوندا، پوءِ ڇڏائڻ وارو هڪڙي ئي زور ۾ ڪسڪائي، ٻئي پهلوان جي هٿ مان هٿ ڪڍڻ جي ڪوشش ڪندو، جي هٿ ڇڏائي ويو، ته انهيءَ کٽيو، جي نه ڇڏائي سگهيو ته هارايائين. چنبي جي زور جو قاعدو هي آهي، ته ڇڏائڻ مهل هٿ زمين تان نه کڄن، ۽ پهلوان زور لائيندي اٿي نه بيهن. ساڳيءَ طرح سان هڪٻئي تي اوراٽ ڪرڻ به ڪار ناهي.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. {ڪتاب: سنڌ جي مدنيت؛ از:سيد منظور نقوي ؛ ٻيون ايڊيشن 1978، پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book22/Book_page11.html.  Missing or empty |title= (مدد)}