چمڪ پھڻ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

چمڪ پهڻ:

نالا: ع. حجرالمقناطيس، ف. سنگ آهن، هه. وغيره___ چونيڪ پٿر، چنبڪ ۽ آهن ربا.

طب[سنواريو]

اثر: گرم خشڪ 3، نقصان: سيني کي، ميل: رب سوس، عيوض: سمنڊ جي گجي، وزن: پنج ماسا. سڃاڻپ: ٿورو ڪاراڻ تي مائل لاجـِـورَدي رنگ تي پهڻ جو هڪ قسم آهي. جيڪو لوهه کي پاڻ ڏانهن ڇڪي وٺندو آهي. خاصيت: ان کي پاڻيءَ ۾ گهي پيارجي ته جگر ۽ دل جي گرمي هٽائيندو، سنڌن جي سور، نقرس، فالـج ۽ لقوي جي بيمارين ۾ مفيد آهي. جگر ۽ تليءَ کي طاقت ڏئي ٿو، پيشاب جو ساڙو لاهي ٿو، مثاني جو ڦٽ ڇٽائي ٿو، گردي جي پٿريءَ کي ڀڃي پيشاب جي رستي ٻاهر ڪڍي ٿو، حمل واري عورت هن جو دلپاڪ ٺهرائي پائي ته ويم آسانيءَ سان ٿيندو..[1]

حوالا[سنواريو]

  1. ڪتاب فرھنگ جعفري :؛ ليکڪ: حڪيم محمد جعفر؛ايڊيشن: 2007؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو