چمپا

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
خودڪار ٽيڪسو باڪس معاونت
خودڪار ٽيڪسو باڪس جوڙڻ لاءِ مهرباني. There's no taxonomy template at "Template:Taxonomy/Plumeria", so the automated taxobox system doesn't know the taxonomy (درجا بندي) of Plumeria.
  • Is "Plumeria" the سائنسي name of your taxon? For example, if you were editing the page "Animal", you'd need to specify |taxon=Animalia not |taxon=Animal. If it's not the expected scientific name, please correct it.
  • There are some special cases which can be more difficult to set up (e.g. disambiguated taxon names). If you're not sure how to proceed, ask for help at Wikipedia talk:Automated taxobox system.
  • Otherwise, click here to create the taxonomy template by entering the taxonomic details for "Plumeria". It's partly set up for you.
چمپا
Plumeria sp.
سائنسي درجا بندي e fossil_range: If the specified fossil range is a period supported -- by templates {period_start} and {next_period}, then it incorporates -- the specified range into template {Fossil range}, but checking to -- display properly. Otherwise, just passes parameter. --></noinclude>
Unrecognized taxon (fix): Plumeria
هم معنيٰ[2]
  • Plumieria Scop.


ڇمپا جا گل

چمپا (Plumeria /Temple Tree) هڪ سدا بهار ٻوٽو آهي، جنهن کي چنپئو، چنپيو، سن، چمپڪ وغيره به سڏيو وڃي ٿو. هن جا گل خوشبودار ۽ خوبصورت ٿيندا آهن.

ٻوٽو[سنواريو]

هن جا گل نارنگي رنگ جا ٿيندا آهن. هن ٻوٽي جون ڪاٺيون اڇيون ٿينديون آهن. هن جا گُل دِل کي فرحت ۽ سرور بخشيندا آهن. انهن مان عطر به ڪڍيو ويندو آهي. چمپا جا ڇوڏا واري جي تپ لاءِ سفوف طور ڪتب آندا وڃن ٿا ۽ هن جا گونچ پاڻيءَ ۾ پُسائي، اکين جي بيماريءَ لاءِ استعمال ڪرائيندا آهن. هن جي پاڙ ڦَٽَن ۽ ڳڙن تي لڳائڻ سان آرام اچي وڃي ٿو.

قسم[سنواريو]

چـمـپـا جـا پـنج قـسـم ٿـيـن ٿـا:

  • (1) ’ڀـونءِ چـمـپا‘
  • (2) ’نـاگ چـمـپـا‘
  • (3) ’سلطان چمپا‘
  • (4) ’هار چمپا‘
  • (5) خيرسون چمپا‘.

عطرسازي[سنواريو]

انـگـريــزيءَ ۾ چمپا کي ’پلوميريا‘ چوندا آهن. سترهين صديءَ جي مشهور ماهر حيات چارلس چمپا ۽ ٻين گلن ۽ ٻوٽن تي نمايان ڪــم ڪـيـو هــو. فرانس ۾ چمپا مان ’چمپا پرفيم‘ ٺاهي وڃي ٿي. چمپا ڏکڻ ۽ ڏکڻ اوڀر ايشيا جو مشهور ٻوٽو آهي. هندستاني ۽ ملائي قديم ادب ۾ چمپا جو ڪارج اهو بيان ڪيو ويو آهي ته ان جي پنن جي خوشبوءِ سان جن ڀوت ڀڄي ويندا آهن. چمپا جا گل هندن ۽ ٻڌن جي مندرن ۽ وهارن ۾ مذهبي رسمن ادا ڪرڻ لاءِ ڪم ايندا آهن. چمپا جي گل ۾ رنگ، خوبصورتي ۽ هٻڪار ٽي خوبيون آهن، پر عجب آهي هن تي ماکيءَ جون مکيون نه ويهنديون آهن.[3]

طب[سنواريو]

نالا: عربي - فاغرو، هندي ۽ اردو - چمپا، سنسڪرت- چمپڪا، بنگالي- چانپا، انگريزي- (Michelia Champaca). سڃاڻپ: هي هڪ سدا بهار ٻوٽو آهي، جنهن جا گل خوشبودار ۽ خوبصورت ٿيندا آهن. رنگ: گل نارنگي، ڇوڏا - خاڪستري، ڪاٺيون - اڇيون،. ذائقو: گل ڦڪا، ڇوڏا ڪوڙا. مزاج: ڇوڏا ٻئي درجي ۾ گرم خشڪ ۽ گل سرد تر. مقدار خوراڪ: ڇوڏا پنجن کان پنڌرهن رتين تائين. پيدائش: هماليه جي وچولي ڀاڱي، نيپال، بنگال، آسام ۽ برما وغيره ۾ ٿئي ٿي. خاصيت: هن جا گل دل جي فرحت ۽ سـُـرور لاءِ عجيب آهن، جن مان عطر به ڪڍيو ويندو آهي. ڇوڏا نوبتي وغيره بخار لاءِ سفوف طور ڪتب آندا وڃن ٿا. اکين جي تقويت لاءِ هن جا گونچ پاڻيءَ ۾ پسائي اکين لاءِ استعمال ڪرائيندا آهن. هن جي پاڙ ڏهيءَ ۾ ملائي ڦٽن ۽ ڳڙهن تي لڳائجي ته آرام اچي وڃي ٿو.[4]،

حوالا[سنواريو]

  1. "Genus: Plumeria L.". Germplasm Resources Information Network. United States Department of Agriculture. حاصل ڪيل 2010-09-08. 
  2. "World Checklist of Selected Plant Families". حاصل ڪيل May 18, 2014. 
  3. ڪتاب: انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد چوٿون، ڇپيندڙ: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي (ISBN 978-969-9098-80-2) سال: 2012
  4. ڪتاب فرھنگ جعفري :؛ ليکڪ: حڪيم محمد جعفر؛ايڊيشن: 2007؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو