چليا
چليا، سنڌ جو هڪ قديم شهر آهي، جيڪو ٺٽي شهر کان ڏهه ڪلوميٽر اوڀر طرف سنڌوءَ جي ساڄي ڪپ واري ٽڪريءَ تي ڪينجهر ڀرسان آباد آهي.
شروعات
[سنواريو]هن شهر جي شروعاتي اڏاوت سنڌو درياهه جي بلڪل ڪپ تي ’سُهڻي لَٺِ‘ واري ٽڪريءَ جي چؤ طرف هئي. چِليا جي آڳاٽي شهر جا اڄ به ڪيترا آثار موجود آهن، جن جو گھڻو حصو درياهه جي پيٽ ۾ اچي ويو آهي. جڏهن درياهه جو چاڙهه لهي ويندو آهي تڏهن انهيءَ ٺڪراٺي مان سومرا دؤر ۽ مغليه دؤر جا سِڪا لڀندا آهن. هن ٺڪراٺي جي ڏکڻ واري حصي ۾ انگريزن جي دور جو هڪ ڊاڪ بنگلو ۽ اريگيشن کاتي وارن جا بنگلا ڦِٽل حالت ۾ موجود آهن. ٺڪراٺي جي اتر واري حصي ۾ اڌ ايڪڙ جي اوچي ٽڪريءَ تي هڪ ڊگھو ٻارهن فوٽن جو گھڙيل پٿر کُتل آهي. جنهن کي ’سُهڻيءَ جي لَٺ‘ سڏيو وڃي ٿو. آڳاٽي وقت ۾ چِليا وڏو پتڻ هو، جنهن جي سونهن لاءِ ٿلهو جوڙايو ويو هو.
پکيڙ
[سنواريو]هن شهر جي اتر طرف هڪ وڏو ۽ قديم قبرستان آهي. ڪجهه قبرون تمام ڊگهيون اٽڪل ٻارهن فوٽ به آهن. ڪن قبرن تي سيرانديءَ کان اٺن کان ڏهن فوٽن جا ڊگھا پٿر کتل آهن. ڪن قبرن مٿان رکيل پٿرن تي مختلف نشان ۽ نقش اڪريل آهن. هن قبرستان ۾ مشهور شاعر ۽ درويش مورئي فقير جي به مزار آهي. جنهن تي ساليانو ميلو لڳندو آهي. سنڌ جي سورهيه ۽ غيرتمند ڪردار شهيد ليمي مهاڻي جي قبر به هن قبرستان ۾ آهي. هن شهر جي ڦٽي وڃڻ کان پوءِ شهر جي آثارن کان اتر طرف ۽ نيشنل هاءِ وي کان هڪ ڪلوميٽر ڏکڻ طرف ڪلهوڙن جي دؤر ۾ هيءُ شهر هڪ دفعو وري آباد ٿيو هو، جنهن جي ويجھو ئي ڪلري واهه وهي ٿو.
ورهاڱي کان اڳ
[سنواريو]ورهاڱي کان اڳ ۾ هن شهر جي آبادي گھڻي هئي. هتي وڏي تعداد ۾ دڪان، جڳهون، مسجدون ۽ مندر هئا، جن جا ڊٺل آثار اڄ به موجود آهن. هتي هڪ وڏي مساڻ جا آثار به ملن ٿا. هن هوادار ٽڪريءَ جي ڏکڻ اوڀر ۾ تفريخ خاطر هڪ باغ هوندو هو، جيڪو هن وقت بلڪل ختم ٿي چڪو آهي. موجوده دور ۾ هن شهر جي آبادي 1000 کان مٿي ٿيندي. هتي هڪ پرائمري اسڪول، گرلس اسڪول، ضلعي ڪائونسل جي ڊسپينسري ۽ پوسٽ آفيس آهي. هتان ڊولومائيٽ پٿر ۽ جڳهين لاءِ تمام سٺي قسم جو پٿر نڪري ٿو. هتي جي رهندڙ ماڻهن جو گھڻو گذر به پٿرن ڪڍڻ ۽ مڇيءَ جي پالنا تي آهي.
ڍنڍون
[سنواريو]چِليا جي اتر اولهه طرف هڪ ڪلوميٽر جي مفاصلي تي کوهي ڍنڍ آهي، جيڪا سورهن چورس ڪلوميٽر پکيڙ ۾ آهي. هن ڍنڍ ۾ پکي، مڇي، پٻڻ، لوڙهه وغيره جام ٿئي، جڏهن ته هتان ٻن ڪلوميٽرن جي پنڌ تي سنڌ جي مشهور ڪينجهر ڍنڍ آهي، جنهن جي آسپاس ميربحر، ماڇي، سما، سيد، شورا، جاکرا، عباسي، بروهي، چوهاڻ، درس، جوڳي، ڪلهوڙا، ڀنڀرا، هيجب، ڀٽي ۽ چليا ذاتين جا ماڻهو آباد آهن. هتان نڪرندڙ پٿرن مان مختلف شيون ٺاهيون وينديون آهن. هن شهر کي ڍنڍون ويجھيون هئڻ جي ڪري. هتي پنِ ۽ ڏِير گھڻي ٿئي ٿي. جنهن مان تڏا ۽ تؤنريون ٺاهيون وينديون آهن. هتي مڇي به جام ٿئي ٿي. چليا جو ڏنڀروڪافي مشهور آهي.[1]
حوالو
[سنواريو]حوالا
[سنواريو]- ↑ ڪتاب: انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد چوٿون، ڇپيندڙ: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي (ISBN 978-969-9098-80-2) سال: 2012