چلو مرون

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

. ڇلو مرون: نالا ع. زبزب، ف. خوڪ فلوسدار، هه. وغيره___ ڇلا مردن، پرسو صحراءِ ۽ خوڪره. هي جانور ڪتي جي قد جيترو ٿئي ٿو، هن جي بت تي ڇلر ٿيندا آهن.

طب[سنواريو]

اثر: گرم خشڪ 3، نقصان: ___-، ميل: ___-، عوض: ______، وزن: قدر موافق. خاصيت: هن جا ڇلر ڳچيءَ ۾ ٻڌائبا ته ٽيئڙ تپ، اجاين ڊيڄاريندڙ خوابن کي ڏسڻ، ننڊ ۾ ڏند ڪرٽڻ بند ٿي ويندا. ساڳيا ڇلر گهوڙي جي ڳچيءَ ۾ ٻڌائبا ته اهو بد نظر ۽ بيماريءَ کان محفوظ رهندو. هن جي چرٻي سنڌن جي سور ۽ فالـج تي مالش ڪرائجي ته مفيد ٿيندي. هن جو پتو، جذام، ڪوڙهه ۽ چٽي جي داغن تي ملجي ته فائدو ٿيندو، هن جو گوشت جلندر، سلهه ۽ جذام جي بيمارين ۾ مفيد آهي..[1]

حوالا[سنواريو]

  1. ڪتاب فرھنگ جعفري :؛ ليکڪ: حڪيم محمد جعفر؛ايڊيشن: 2007؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو