چقمق

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو

چقمق: عربيءَ حجرالنار يا حجر الحديد:، فارسي ۾ سنگ آتش:، ھنديء ۾ آگ جهاڙ پٿر: انگريزيءَ ۾ ميگنيٽ: Magnet: لوڊ اسٽون: lodestone: لوھ جي ڪچي ڪاري ڌاتوءَ کي چئبو آهي.جيڪو پھريان ايشيا مائينر جي شھر مئگنيسيا ۾ کوٽي ڪڍيو ھئائون. لوڊ اسٽون يا مئگنيٽائيٽ، لوھي ڪوڪن، ٽاچنين يا لوھ جي ذرن کي پاڻ ڏي ڇڪي يا کڻي سگھندو آھي پر شيشي، مٽي، ڪاٺ ۽ ٻين ڪيترين ئي شين جي ذرن کي کڻي ڪونہ سگھي. البت رڪ کي کڻي وٺندو آهي ڇاڪاڻ تہ رڪ بہ گھڻي قدر لوھ ئي ھوندو آھي.نڪل nickel ڪوبالٽ Cobalt تي بہ ھلڪو اثر ڪندو آهي.[1]

طب[سنواريو]

اثر: سرد خشڪ 2، نقصان: ميل: ___، عيوض: زهر مهرو، وزن: چار ماسا. سڃاڻپ: هلڪي اڇاڻ مائل، ڪاري رنگ جو هڪ پٿر جو قسم آهي. جي لوهه کي ان تي هڻبو ته هن مان چڻنگون نڪرنديون. خاصيت: هن کي گلاب جي پاڻيءَ ۾ گهي پيارجي ته دل هول، جگر جي گرمي، آنڊن جي ڦٽ لاءِ مفيد آهي. رت جي دستن کي فائدو ڪري ٿو. مثاني جي پٿري ڀڃي پيشاب جي رستي ٻاهر ڪڍي ٿو. هن مان دل پاڪ جوڙائي حمل واري عورت جي ڳچيءَ ۾ ٻڌجي ته ويم وقت کيس سنهنجائي ٿيندي..[2]

چقمقيت ۔ مقناطیسيت     Magnetism اوھان ٻن ڪاٺ جي ٽڪڙن کي هڪ ٻئي جي سامهون رکندا تہ اهي هڪ ٻئي کي ڪشش نہ ڪندا پر اوهان چقمق Magnet جي سامھون لوھ جو هڪ ٽڪڙو رکندا تہ اهي هڪ ٻئي سان ملي ويندا.

چقمق Magnete ۽ مفعول Object هڪ ٻئي کان فاصلي تي هجڻ باوجود ملي ويندا آهن ان جو سبب چقمقي ٻني Magnetic field آهي جيڪا ان مفعول Object جي ويجھي موجود هوندي آهي. پر سوال اهو پيدا ٿئي ٿو تہ هي چقمقي ٻني ڪٿان کان اچي ٿي؟.

اسان اهو ڄاڻون ٿا تہ چقمقي ٻني Magnetic field ۽ بجلي Electricity  هڪ ئي طرح سان ڪم ڪندا آهن يا ائين چئي سگھجي ٿو تہ مقناطيس ۽ بجلي هڪ ئي سڪي جا ٻہ پاسا آهن ڇوجو جڏهن چارج ٿيل ذرا Charged particle حرڪت ڪندا آهن تہ چقمقي ٻني Magnetic field پيدا ٿيندي آهي پر اسان ڄاڻون ٿا تہ چقمق ۾ ڪنھن ڪرنٽ گذرڻ بنا چقمقي ٻني موجود هوندي آهي ۽ اسان هي بہ ڄاڻون ٿا تہ ڪي بہ مواد substance اھڙا ناهن جيڪي اليڪٽران، پروٽان ۽ نيوٽران تي مشتمل نہ هجن ائين ئي چقمق بہ انھن بنيادي ذرن سان ملي ڪري ٺھيل هوندا آهن.

پر چقمقيت کي سمجھڻ جي لاءِ مقداري سطح Quantum level جي ذرڙن کي سمجهڻو پوندو. جيئن تہ سڀ بنيادي ذرڙا مايي چارج Mass charge ۽ ٻور (ٻرڻ) Spin جھڙي خاصیتن وارا هوندا آهن. چارج ئي اُها خاصیت آهي جيڪا چقمقيت Megnetism جو سبب بڻجي ٿي. 1922ع ۾ اليڪٽران ۽ پروٽان جي ان خاصیت جو جو علم ٿيو تہ هي ننڍڙا ننڍڙا چقمق Magnet آهن ۽ ايٽم اليڪٽران پروٽان ۽ نيوٽران تي مشتمل هوندا آهن. اليڪٽران جي نسبت پروٽان تمام گهٽ مقناطيسيت وارو هوندا آهن. پروٽان مرڪز Nucleus ۾ موجود هوندا آهن ۽ اليڪٽران مرڪز جي ويجهي گردش ڪندا آهن. اليڪٽران جي مقناطيسي قوت وڌيڪ هجڻ ڪري مرڪز Nucleus جو چقمقي ٻني تي خاص اثر ناهي پوندو. اليڪٽران جي گهمڻ جي ڪري مداري چقمقي ٻني Orbital magnetic field پيدا ٿيندي آهي ۽ هر اليڪٽران جي مرڪز Nucleus جي ويجهو پنھنجو پنھنجو مدار Orbit هوندو آهي ۽ هڪ مڪمل شيل جنھن ۾ ايٽم جي تعداد مڪمل هوندي آهي اتي اليڪٽران جوڙن جي شڪل ۾ هوندا آهن ۽ اھي ھڪ ٻئي جي چقمقي ٻني کي رد ڪن ٿا پر هڪ اڌ شيل ۾ اليڪٽران جوڙن جي شڪل ۾ ناهن هوندا جنھن ڪري اهي هڪ ٻئي جي چقمقي ٻني کي رد ناهن ڪري سگھندا اھڙي طرح هڪ ايٽم چقمق وانگر سلوڪ ڪندو آهي.

ھن خاصیت کي نظر ۾ رکي اسان دوري جدول Periodic table کي ڏسون ٿا تہ اسان کي معلوم ٿئي ٿو تہ ان ۾ سڀ عنصر Elements جن جي اليڪٽران جا ٻاھريان موسٽ شيل مڪمل يا مڪمل هجڻ جي ويجهي ھجن تہ اهي چقمقي ناھن ۽ جن جا ٻاھريان گهڻو شيل اڌ ڀريل Half full  آهن اهي سڀ چقمقي خاصيت وارا آهن مثال طور نڪل، ڪوبالٽ، آئرن، ڪروميم انهن سڀني ڌاتن جا ٻاھريان گهڻا شيل اڌ ڀريل Half full ٿين ٿا جيڪي انھن کي چقمقي خوبي Magnete property  فراهم ڪندا رھن ٿا پر ٻاھريون گهڻو شيل ئي ميگنيٽ ٺھڻ لاءِ ضروري ناهي جيئن ڪروميم هڪ اهڙي ڌات آهي جنھن جو هڪ ايٽم تہ چقمقي ٿي سگھي ٿو پر گھڻا ايٽم ملي چقمقي خوبي Magnetic property وڃائي ڇڏن ٿا.

هتان کان ڳالھ ايٽمن کان قلم پذيري Crystallisation  تي اچي وڃي ٿي جتي ايٽم ملي اهڙي جوڙجڪ بنائن ٿا جنھن ۾ يا تہ اهڙيون جوڙجڪون ٺاهيندا جنھن ۾ سڀ هڪ ايٽم هڪ رخ  aligned ھوندا يا وري هڪ ٻئي جي مخالف رخ ۾ ٿي هڪ ٻئي جي چقمقي ٻني رد ڪري ڇڏيندا. ايٽم اُها صورت اختيار ڪندا جنھن ۾ گهٽ توانائي گهربل هوندي ۽ ڪروميم ۾ ايٽمن جي قلمن Crystals جي ترتيب اهڙي هوندي آهي جو اُهو چقمقيت جي خاصيت وڃائي ويھي ٿو.

ھاڻ هي ڳالھ پيدا ٿئي ٿي تہ چقمق عام طور تي لوھ يا نڪل تي مشتمل هوندا آهن. عام طور تي لوھ يا نڪل جو هڪ ٻئي تي ڪو بہ چقمقي اثر ناهي ٿيندو ڇوجو انهن جي چقمقي ٻني موجود نٿي ٿئي تہ عام چقمقي ڌات ۽ هڪ چقمق ۾ ڇا فرق ٿئي ٿو؟.

ڏسجي تہ اھي ٻئي هڪ ئي ايليمنٽ سان ٺھيل ٿين ٿا.

هتي ڳالھ قلمن Crystals کان نڪري علائقي Domain تي اچي وڃي ٿي. هڪ عام لوھ جي بار جا ڪجھ ايٽم هڪ رخ ۾ ٿي سگھن ٿا ۽ ڪجھ ايٽم ھڪ رخ ۾ ائين ان بار جي علائقن Domains جي هڪ رخ ۾ نہ هجڻ ڪري چقمقي ٻني وجود ۾ ناهي ايندي پر جڏهن ڪا اسٽرنگ ميگنيٽ فيليڊ لاڳو ڪئي وڃي ٿي تہ سڀ ڊومين هڪ ئي رخ ۾ ٿي وڃن ٿا ۽ اهو بار عام لوھ کان مقناطيس ۾ تبديل ٿي وڃي ٿو.

حوالا[سنواريو]

  1. {جنرل سائنس: مترجم: ڊاڪٽر علي احمد قاضي؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو}
  2. ڪتاب فرھنگ جعفري :؛ ليکڪ: حڪيم محمد جعفر؛ايڊيشن: ۲۰۰۷؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو