چرنوبل نيوڪليائي حادثو
چرنوبل نيوڪليائي حادثو يا چرنوبل نيوڪليئر ايڪسيڊنٽ (Chernobyl Nuclear Accident) ان زماني جي سوويت يونين جي رياست يوڪرين جي اتر ۾ ’چرنوبل‘ نالي شهر ۾ موجود ائٽمي ري ايڪٽر ۾ 26 اپريل1986ع تي ٿيل ڌماڪي سبب ٿيو. ان حادثي جي نتيجي ۾ اُتي قائم ڪيل ري ايڪٽر جو ائٽمي مواد بيلارس، سويڊن ۽ فن لئنڊ تائين پکڙجي ويو. جنهن ڪري انهن ملڪن ۾ مختلف بيمارين مُنهن ڪڍيو. ان حادثي خلاف ڄاڻايل علائقن ۾ سخت احتجاج پڻ ٿيا هئا. هن حادثي يا واقعي جي ڪري سڄي دنيا ۾ سوويت يونين جي ائٽمي پروگرام تي پڻ ڏاڍي تنقيد ٿي.[1]
حوالا[سنواريو]
- ↑ سنڌي آنلائين ڊڪشنري پاران سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد