چانڊاڻ(وڻ)

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

چانڊاڻ وڻ (عربي: لبلاب ڪبير، هندي: ڪٽلي، اردو. چاندني ڪا درخت، لاطيني) هڪڙي قسم جو وڻ آهي، جنهن جا گل رات جي چانڊوڪيءَ ۾ کڙن ٿا ۽ ڏينهن جو ڪومائجي ويندا آهن. هن جي گلن ۾ سنهيون تندون ٿين ٿيون، جن تي چانورن نموني سنهڙا داڻا هوندا آهن. سندس رنگ اڇو ۽ ذائقو ڦڪو ٿئي ٿو.

طب[سنواريو]

ھن گل جي طبي اثر سرد ۽ خشڪ ھوندو آھي. هيءُ گل فرحت ڏيندڙ، تقويت بخشيندڙ ۽ دماغ کي لطف رسائيندڙ ٿين ٿا. هنن جو گلقند خفقان، پلپي ٽيشن (Poepitation) ماليخوليا، جنون ۽ چريائپ لاءِ نهايت مفيد ٿئي ٿو. هنن کي ڪاڙهي، بادام روغن شامل ڪري پيارجي تہ آنڊن جي ڦٽ ۽ معدي جي زخم کان نجات ملي ٿي.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. ڪتاب فرھنگ جعفري؛ ليکڪ: حڪيم محمد جعفر؛ ايڊيشن: 2007ع؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو، سنڌ.