چاشت جي نماز

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

چاشت جي نماز: مستحب آهي. جڏھن سج چڱي طرح نڪري ايندو آهي ۽ روشني سٺي پکڙجي ويندي آهي تہ چاشت جو وقت شروع ٿي ويندو آهي ۽ زوال کان پھريان تائين باقي رھندو آھي[1]. ان وقت ۾ ماڻھو کي اختيار آھي تہ چاھي چار رڪعتون نفل ادا ڪري يا چئن کان وڌيڪَ ادا ڪري. نبي ﷺ جن چار رڪعتون بہ پڙھيون آھن ۽ چئن کان مٿي بہ پڙھيون آھن[1]. حنفي مذھب ۾ چاشت جي نماز جي نيت ھيٺين ريت ڪبي آهي:

"مون نيت ڪئي تہ چاشت جي نماز چار رڪعتون نبي ﷺ جن جي سنت ادا ڪريان."

— [1]

حوالا[سنواريو]

  1. 1.0 1.1 1.2 - ڪتاب: آسان فقه، از: مولانا محمد يوسف اصلاحي، مترجم: محمد عاشق ڌامراھا، مھراڻ اڪيڊمي شڪارپور، جنوري 2002 - صہ 197,198