چارلي چپلن

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

چارلي چپلن (Charlie Chiplin) برطانيه جو ڄائو ۽ هالي ووڊ جو جڳ مشهور مزاحيه اداڪار, 16 اپريل 1889ع تي لنڊن ۾ ڄائو. سندس والد چارلس اسپينسر چپلن هڪ ڳائڻو هو، جڏهن ته سندس ماءُ هَنا چپلن (Hannah Chaplin) اسٽيج اداڪاره ۽ ڳائڻي به هئي. هي اصل ۾ جپسي هئا. مختلف هنڌن تي وڃي ماڻهن کي موسيقيءَ ۽ ٿيٽر ذريعي وندرائڻ جو ڪم ڪندا هئا. ان ڪري چارلي چپلن کي فن ورثي ۾ مليو هو. هن گهڻو عرصو پنهنجي ماءُ سان گذاريو. هن ٿوري گهڻي تعليم سينٽرل لنڊن ڊسٽرڪٽ اسڪول مان به ورتي.

فلمي زندگي[سنواريو]

1903ع کان هن گونگين فلمن ۾ ڪم ڪرڻ سان پنهنجي فني زندگيءَ جي شروعات ڪئي، کيس وليم گليٽيءَ جي لکيل شرلاڪ هومز سـلـسلـي جـي هـڪـ فـلـم ۾ بـلـيءَ (Billy) جـو ڪـردار مـلـيو. ان کان پوءِ هن شرلاڪ هومز سلسلي جي فلمن ۾ ڪافي ڪردار ادا ڪيا، انهن فلمن مان: (1) شرلاڪ هومز (Sherlock Holmes)، (2) The Painfull Predicament ۽ (3) Chariee مشهور ٿيون. هن اوڻويهين صديءَ جي شروعات کان ويهين صديءَ جي وچ تائين هالي ووڊ ۾ اداڪاريءَ سان گڏ هدايتڪاريءَ ۽ موسيقيءَ ۾ به پنهنجي صلاحيتن کي مڃرايو. هن پنهنجي اداڪاري جي شروعات گونگين فلمن واري دور سان ڪئي. سندس مزاحيه اداڪاري اڪثر ڊائلاگن کان سواءِ جسماني حرڪتن تي مشتمل هئي. هن پنهنجي تخليقي صلاحيتن کي دلچسپ انداز سان عجيب ۽ غريب چرپر ذريعي ادا ڪيو ۽ ڏسندڙن کي کِلڻ تي مجبور ڪري فن جو ڀرپور اظهار ڪندو هو. پهرين عالمگير جنگ تائين دنيا جي وڏن اداڪارن ۾ شمار ٿيڻ لڳو ۽ ڳالهائيندڙ فلمن واري دور ۾ سندس شهرت تي ڪو اثر نه پيو. سندس پهرين گونگي فلم ‘Kid Auto Races at Venice’، 1914ع ۾ ٺهي. اپريل 1914ع ۾ سندس ڊائريڪشن هيٺ ‘Twenty minutes of Love’ (پيار جا ويهه منٽ) فلم ٺهي. 1916ع کان هي هدايتڪاريءَ سان گڏ فلمن ۾ سيڙپڪار طور ۽ 1918ع کان فلمن جي موسيقار طور سڃاپجڻ لڳو. سندس ساٿي اداڪارن ۾ ميري پڪ فورڊ ۽ ڊي. ڊبليو گرفٽ مشهور ٿيا. هن 1917ع ۾ ’يونائيٽيڊ آرٽسٽس‘ جي نالي سان هڪ فلمي ادارو به قائم ڪيو.

گھڻ رخو فنڪار[سنواريو]

چارلي چپلن گلوڪاري پنهنجي والدين کان سِکي. جڏهن 1901ع ۾ چپلن 12 سالن جو هو ته پيءُ گذاري ويس. 1928ع ۾ آمريڪا اچڻ کان ست سال پوءِ سندس ماءُ به گذاري وئي. سندس شروعاتي فلمون ميڪ سينٽ ڪيسٽون اسٽوڊيو ۾ ٺاهيون ويون، جتي هن ”ٽرمپ“ جي ڪردار کي اڳيان وڌايو ۽ فلم سازيءَ ۾ مهارت حاصل ڪئي هئي. 1916ع ۾ ميوچل فلم ڪارپوريشن چارلي چپلن کي سٺي معاوضي سان هڪ درجن ڪاميڊي فلمون ٺاهڻ لاءِ رقم ڏني. هن 18 مهينن اندر 12 فلمون مڪمل ڪري سڀني کي حيران ڪري ڇڏيو. اهو سندس ڪيريئر جو بهترين دور هو. هن 1917ع ۾ ’فرسٽ نئشنل‘ ڪمپني اٺن فلمن ٺاهڻ جو معاهدو ڪيو. 1923ع کان پوءِ هن پنهنجو ذاتي اسٽوڊيو ٺاهي فلمون ٺاهڻ شروع ڪيون. سندس آخري خاموش فلمون ’سٽي لائيٽس‘ ۽ ’ماڊرن ٽائيمز‘ هيون. هن يونائيٽيڊ آرٽسٽس پڪچرز جي بينر هيٺ ’اي وومين آف پئرس‘، ’گولڊ رش‘ ۽ ’دي سرڪس‘ جھڙيون شاهڪار فلمون ڏنيون. چاليهن جي ڏهاڪي ۾ هن ’دي گريٽ ڊڪٽيٽر‘، ’مونس ويئر ورڊ وڪس‘ ۽ ’لائيم لائيٽ‘ جھڙيون ڪامياب فلمون ٺاهيون. چارلي چپلن فلم ۾ گلوڪاري به ڪئي. 50 واري ڏهاڪي واري سندس فلم ’لائيم لائيٽ‘ ۾ گانا به هئا. انهيءَ فلم کي ٻن ڏهاڪن کان پوءِ 1972ع ڌاري ’آسڪر اوارڊ‘ لاءِ منتخب ڪيو ويو.

مڃتا[سنواريو]

اڪيڊمي اوارڊ جي تقريب ۾ موجود شوقينن پنجن منٽن تائين بيهي تاڙيون وڄائي کيس زبردست خراج تحسين پيش ڪيو. چارلي چپلن جي فني ڪيريئر جون آخري ٻه فلمون ’اي ڪنگ ان نيويارڪ‘ ۽ ’اي ڪائونٽس فرام هانگ ڪانگ‘ برطانيا ۾ ٺاهيون ويون. پهرين فلم ۾ هن اداڪاري سان گڏ مصنف، هدايتڪار ۽ فلمساز جا فرض به سرانجام ڏنا. جڏهن ته ٻي فلم ۾ ساڻس صوفيا لورين ۽ مارلن برانڊو پڻ اداڪاريءَ جا جوهر ڏيکاريا. چارلي چپلن پنهنجي مخصوص اداڪاريءَ سبب تمام گھڻو مشهور هو، پر حسين اداڪارائن سان دوستين ۽ شادين، سندس عوامي همدرديءَ کي تمام گھڻو متاثر ڪيو. جن ۾ ڪجهه اداڪارائون ۽ هڪ رقاصه به شامل هئي. 1918ع ۾ مائيلڊرڊ ريڊ هيرسن سان شاديءَ وقت چپلن جي عمر 29 سال هئي. هيرسن مان کيس هڪ پٽ ڄائو، جيڪو ٽن ڏينهن کان پوءِ گذاري ويو. 1922ع ۾ پولينڊ جي اداڪاره پولا نيگريءَ سان چپلن جي دوستي ٿي ۽ هن ڪڏهن به پنهنجي دوستيءَ کي عوامي سطح تي لڪائڻ جي ڪوشش نه ڪئي. ڪيترن سوانح نگارن جو چوڻ آهي ته نينگريءَ سان هن دوستي صرف عوامي شهرت حاصل ڪرڻ لاءِ ڪئي هئي. چپلن جي زندگي ۾ ايندڙ آخري عورت اونا اونيري هئي، جنهن سان هن 1943ع ۾ شادي ڪئي، ان شاديءَ مان چپلن کي اٺ ٻار ٿيا. بهرحال ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته چارلي چپلن ويهين صديءَ جو عظيم ڪاميڊين هو، جيڪو پنهنجي فن سبب شوقينن جي دلين ۾ اڄ به زنده آهي.

سنڌي فنڪارن تي اثر[سنواريو]

هـن جـي اداڪـاريءَ جـو اثـر سـنـڌ جـي ڪيـترن اداڪـارن تي آهي. جيئن نور محمد چارلي، عبدالمنان عباسي، عبدالله ملاح، نياز ديوانو، اردوءَ ۾ رنگيلا وغيره جي اداڪاريءَ تي چارلي چپلن جو نمايان اثر آهي.

وفات[سنواريو]

سندس آخري فلم A Countess from Hong Kong هئي، جيڪا 1977ع ۾ رليز ٿي. هي مشهور اداڪار، هدايتڪار ۽ موسيقار، 25 ڊسمبر 1977ع تي سئيزرلينڊ ۾ ڪرسمس جي ڏينهن ننڊ ۾ ئي گذاري ويو. سندس قبر سئيزرلينڊ ۾ آهي. چارلي چپلن جو اهو ڪشادو گهر، جتي هن پنهنجي زندگيءَ جا 24 سال گذاريا، هڪ يادگار ميوزيم ۾ تبديل ڪيو ويو آهي. ان بنگلي ۾ هن پنهنجي زال اونا ۽ اٺن ٻارن سان آخري وقت گذاريو هو. سندس ميوزيم کي 2009ع ۾ مداحن لاءِ کوليو ويو.[1]

حوالو[سنواريو]

حوالا[سنواريو]

  1. ڪتاب: انسائڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد چوٿون، ڇپيندڙ: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي (ISBN: 978-969-9098-80-2) سال: 2012