ڄورون

ڄورون يا ڄرون يا ڄؤرون جن کي انگريزيءَ ۾ (Leeches) سڏجي ٿو سي هڪ قسم جا ڪيڙا آهن، جيڪي اڪثر درياهه ۽ ڍورن ۽ ڍنڍن جي بيٺل پاڻي سڙيل ٻوڙن يا سڙيل گندگاهه واري پاڻيءَ ۾ ٿيندا آهن. ڄرن يا ڄؤر جا حيواني لحاظ سان ڪافي قسم آهن، پر ســنـڌ ۾ ٽـن قسمن جا ڏٺا ويا آهن. جن مان ٻه قسم عام آهن.
مختلف ٻولين ۾[سنواريو]
ڄؤر کي عربيءَ ۾ علق، اردوءَ ۾ جونڪـ، سنسڪرت ۾ جـلـوڪـا، هـنـديءَ ۾ جـل ڪاڪـيــڙا ۽ گجراتيءَ ۾ جالو سڏيندا آهن.
جانورن جي دشمن[سنواريو]
ڄؤرون مينهن، ڳئن ۽ ٻڪرين جي پاڻي پيئڻ وقت انهن جي پيٽ ۾ هليون وينديون آهن ۽ جانور بيمار ٿي پوندا آهن.
غلطفهمي[سنواريو]
سنڌ ۾ ڪن بيمارين جي علاج لاءِ ڄؤرن ذريعي رت ڪڍيو ويندو آهي ۽ ماڻهو سمجهندا آهن ته ڄؤر لڳرائڻ سان ڦٽ ڦرڙي، ناسور وغيره جو ڪنورت نڪرڻ سان علاج ٿيندو پر اهو خطرناڪ عمل آهي، جو ايڊز، هيپاٽائيٽس بي ۽ سي جهڙيون خطرناڪ موتمار بيماريون انهن ذريعي ڦهلجي سگهن ٿيون.[1]
حوالا[سنواريو]
- ↑ ڪتاب: انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد چوٿون، ڇپيندڙ: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي (ISBN 978-969-9098-80-2) سال: 2012