ڄانڀو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ڄانڀي جا جھڳٽا

ڄانڀو (Rocket/ eruca sativa) ربيع جو هي فصل، سنڌ جو اهم تيلي ٻج وارو فصل آهي. ڄانڀو دوا لاءِ به استعمال ٿئي ٿو. هيءُ ٻوٽو سرنهن جي ڪٽنب سان تعلق رکي ٿو، جنهن کي سنڌيءَ ۾ ڄانڀو، اردوءَ ۾ ترميره ۽ فارسيءَ ۾ عرق مشرق چون ٿا. هن جو ٻج مُوريءَ جي ٻجن سان مشابهت رکندڙ آهي، رنگ ساواڻ مائل، ذائقو تيز ڪڙو ۽ مزاج گرم خشڪ اٿس. ڄانڀي جو تيل جنهن کي عام زبان ۾ ڪڙو تيل به چئبو آهي، خارش لاءِ مالش طور ڪم اچي ٿو. هيءُ تيل سستو ۽ هاضميدار هئڻ سبب پنجاب جي ڪجهه علائقن ۾ گيهه جي بدران استعمال ڪيو وڃي ٿو.

طبي ڪارج[سنواريو]

ڄانڀي جا ٻج ذائقي ۾ تيز ٿين ٿا. حڪيمن جي چوڻ موجب هيءُ وائي باديءَ جي تڪليف ۾ توڙي سيني جي رطوبت، ڦڦڙن ۽ نزلي کي خشڪ ڪرڻ لاءِ، ٻرهل ۽ يرقان لاءِ مفيد آهي. ڄانڀو پيشاب جاري ڪري ٿو. هن جو ٻج ڪُٽي، رڌي لپري ٺاهي سخت ڳوڙهن يا سوڄ ۽ سور واريءَ جاءِ تي ٻڌڻ سان ڪجهه افاديت ملندي آهي. هن ٻج جا داڻا سنها، ڳاڙهسرا، ٿورو ڀوري رنگ نما ۽ گول ٿين ٿا. ڄانڀي جو تيل دوا طور خارش ۽ چمڙيءَ جي بيمارين لاءِ مفيد آهي.

سنڌ ۾[سنواريو]

ڄانڀي جو گل

سنڌ ۾ ڄانڀو اڪثر حالتن ۾ ڪچي واري علائقي ۾ درياهه جي پاسن وٽ پوکيو وڃي ٿو. جڏهن ته ساريالي علائقي ۾ ڄانڀو دوباري فصل طور پوکيو وڃي ٿو. ڇاڪاڻ ته ڄانڀو ڪجهه ڪلر کي برداشت ڪري ٿو، ان ڪري ڪلر وارين زمينن ۾ به پوکي سگهجي ٿو. هيءُ فصل جيئن ته آڳاٽو ربيع جو فصل آهي، تنهنڪري سيپٽمبر ۽ آڪٽوبر وارا مهينا هن فصل لاءِ بهتر آهن، پر دير سان پوکي به ڪري سگهجي ٿي. ڇاڪاڻ ته ڄانڀو ان وقت پوکبو آهي، جڏهن ٻين فصلن جون پاڻيءَ جون ضرورتون گهٽ هونديون آهن. زرعي ماهرن موجب هن فصل جي لاءِ سفارش ڪيل جنس ’ڄانڀو سليڪشن‘ پوکڻ گهرجي.

زمين[سنواريو]

هيءُ فصل هر قسـم جي زميـن تي پوکـي سگهـجي ٿو، پـر هـن فـصـل لاءِ درياهي ڪچي واري زمين موزون آهي. ڄانڀي جي بهتر پيداوار لاءِ وارياسيون زمينون اهم آهن، پر هيءُ فصل ساريال ۽ ڪلـراٺـي زميـنن ۾ بـه پوکي سگهجي ٿو. هن فصل جي پوکيءَ لاءِ ٻه ٽي هر ڏئي، ڀِتر ڀڃي زمين کي هموار ڪجي. ريج بعد به هر ڪڍي، سانهر گهمائجي، جنهنڪري زمين نرم ۽ هموار رهندي ۽ فصل به بهتر لڳندو.

پوکيءَ جي مند[سنواريو]

عام حالتن ۾ ڄانڀي جي پوکي آڪٽوبر جي مهيني ۾ ڪئي وڃي ٿي. دوباري فصل واري حالت ۾ فصل 15 ڊسمبر تائين پوکي سگهجي ٿو. هن فصل لاءِ ناڙي بهتر آهي، جنهن ۾ قطارن جو مفاصلو هڪ فوٽ کان ڏيڍ فوٽ رکڻ گهرجي. جڏهن ته ٻوٽن جي وچ ۾ 4 کان 6 انچ مفاصلو، ڇڊائي رکڻ گهرجي. هي فصل ڪچي يا ساريال جي علائقن ۾ ڇٽ يا کيڙ ذريعي به پوکي سگهجي ٿو. ڄانڀي جي پوکيءَ لاءِ ٻج جو مقدار 3 ڪلوگرام في ايڪڙ استعمال ڪيو وڃي ٿو. جيڪڏهن فصل گهاٽو هجي ته 20 کان 25 ڏينهن اندر ڇڊائي ڪجي. هن فصل لاءِ في ايڪڙ 35 ڪلوگرام نائٽروجن ۽ 25 ڪلوگرام فاسفورس استعمال ڪجي، جنهن ۾ سمورو فاسفورس پوکيءَ وقت ۽ اڌ نائٽروجن پوکيءَ وقت ۽ باقي اڌ پهرين پاڻيءَ تي ڏيڻ گهرجي. عام طور تي ڄانڀي جو فصل گهٽ ڀاڻ تي به پوکيو وڃي ٿو. جنهن ۾ مقرر ڀاڻ جي وزن جو اڌ حصو ڏنو وڃي ٿو.

پوکڻ جو طريقو[سنواريو]

ڄانڀو جيڪڏهن آبپاشيءَ وارن علائقن ۾ پوکيو وڃي ته هڪ ڳري پاڻيءَ بعد سلسليوار هڪ پاڻي ڏجي، پر ڪچي ۽ ساريال جي علائقن ۾ بوسي ۽ دوباري فصل کي پاڻيءَ جي ضرورت نه آهي. ڇاڪاڻ ته هيءُ فصل زمين جي وَٽَ يا آلاڻ تي پوکيو وڃي ٿو. آبپاشيءَ واري فصل ۾ هڪ کان ٻه گُڏون ڪڍڻ گهرجن، ته جيئن گندگاهه ختم ٿي وڃن ۽ فصل کي واڌ جون بهتر حالتون ملن. ڄانڀي جي فصل واري جنس ’ڄانڀو سليڪشن‘ پچڻ لاءِ 130 کان 135 ڏينهن وٺي ٿي، پر هن فصل جو لابارو تڏهن ڪجي، جڏهن ڦرين جو رنگ سائي کان پيلو ٿيڻ شروع ڪري، ۽ ڏانڊيون سُڪڻ شروع ڪن. بعد ۾ لابارو ڪيل فصل کي سُڪائي، ڳاهي ۽ صاف ڪري ذخيرو ڪجي يا مارڪيٽ پهچائجي. ’ڄانڀو سليڪشن‘ مان 8 کان 10 مڻ في ايڪڙ پيداوار حاصل ٿي سگهي ٿي.[1]

طب[سنواريو]

نالا: ع. حرف اسطرح، ف. حرف مشرق، هه. وغيره___ جانبه، تارا ميرا. اثر: گرم خشڪ 2، نقصان: گرم مزاجن کي، ميل: ______، عيوض: سرنهن، وزن: هڪ تولو. سڃاڻپ: سنهڙا، ڳاڙهسرا ڀوري رنگ تي ٻج جا گول داڻا، ذائقي ۾ تيز ٿيندا آهن. خاصيت: وائي باديءَ جي تحليل ڪرڻ، ڦڦڙن ۽ سيني جي رطوبت ۽ نزلي کي خشڪ ڪرڻ، ٻرهل ۽ يرقان لاءِ مفيد آهي. پيشاب جاري ڪري ٿو، هن کي ڪٽي رڌي لپري ڪري سور ۽ سخت سوڄ جي هنڌن تي ٻڌبو ته فائدو ٿيندو.[2]،

حوالا[سنواريو]

  1. ڪتاب: انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد چوٿون، ڇپيندڙ: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي (ISBN 978-969-9098-80-2) سال: 2012
  2. ڪتاب فرھنگ جعفري :؛ ليکڪ: حڪيم محمد جعفر؛ايڊيشن: 2007؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو