ڄام کنگھار

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو

مرزا شاھه حسن ارغون (Mirza Shah Beg Argghoon)، سوچيو ته ساموئي شھر جا اُھي ماڻھو، جي ساموئيءَ تي ارغون قبضي کان پوءِ ڪَڇ ڏانھن لڏي ويا آھن ۽ اُتي رھيا آھن، تن کي پنھنجو ڪرڻ گھرجي، نه ته اُھي سدائين ارغون حڪومت لاءِ خطري جو سبب بڻبا رھندا.

اُنھن سمن ۾ ڄام کنگھار (Jjaam Kkhanghaar) نالي سمن جو چڱو مڙس ھو، جنھن جو ڏھڪاءُ سنڌ ۽ ڪَڇ ۾ مشھور ھو. ھُو وڏو دلير باھمت ۽ وطن دوست انسان ھو. ھن ڪَڇ ۾ رھي، جاڙيجن ۽ سوڍن سان ملي، دشمنن سان مقابلي جون تياريون پئي ڪيون. اِھي حالتون جاچي، مرزا شاھه حسن، ڄام کنگھار کي ھيٺيون خط لکيو: ”توکي خبر آھي ته گهڻي وقت کان اسان هن مُلڪ تي قبضو ڪري چُڪا آھيون. اسان ھيءُ مُلڪ فتح ڪيو آھي ۽ اُن کي گند ڪچري کان صاف پاڪ ڪري ڇڏيو آھي. ھاڻي تنھنجي لاءِ مناسب آھي ته ڪَڇ جا بھترين گھوڙا، جن جي مشھوري ٻڌي وڃي ٿي، اسان لاءِ وٺي اچ ۽ اسان کان نوڪريون ۽ عھدا حاصل ڪري، ھِن توھان جي پنھنجي مُلڪ ۾ آرام سان اچي رھه. اسان جي پاڙي ۾ رھي، تون پنھنجي ناداني ۽ غفلت جي ڪري، اسان جي برابريءَ ۽ ھڪجھڙائيءَ جا جيڪي خيال رکين ٿو، تن کي پنھنجي دل مان ڪڍي ڇڏ. جيڪڏھن توکي اسان جي اطاعت ۽ فرمانبرداري منظور ھجي ته تنھنجي لاءِ مناسب آھي ته قيمتي تحفن سان گڏ پنھنجي گذريل ڪوتاھين ۽ ڏوھن تي لکت ۾ معافي وٺي، اسان جي قدم بوسيءَ جي سعادت حاصل ڪر. اھڙي صورت ۾ ھن مُلڪ کي پنھنجو اباڻو مُلڪ سمجھي، امن جي جڳھ تصور ڪر. جيڪڏھن نه، ته پوءِ خوب ياد رک ته اسان جو ارادو احمد آباد ۽ گجرات ڏانھن آھي. اسان جڏھن ايڏانھن وينداسين، تڏھن تنھنجي واٽ وٺي وينداسين ۽ غرور جي اُھا ھوا جيڪا تنھنجي دماغ ۾ ويٺل آھي، سا ڪڍي ڇڏينداسون.“

جڏھن ھيءُ خط، جنھن ۾ ڌمڪي ۽ نرمي ٻئي موجود ھيون، ڄام کنگھار کي پھتو، تڏھن ھن ارغون فاتح کي جيڪو جواب ڏنو، اهو بي مثال آھي. ڄام کنگھار لکيو:

”اسان جابلو ماڻھو پٿر وانگر آھيون. اسان پنھنجي عزت جي حفاظت چڱيءَ طرح ڪري ڄاڻون ٿا. اسان پنھنجي ٿورڙي روزيءَ تي آسرو ڪيو ويٺا آھيون. اسان وٽ ايتري دولت ناھي جو گھوڙا ۽ قيمتي جنسون پنھنجي مُلڪ مان حاصل ڪري، تنھنجي لاءِ موڪليون. اسان جي گذارن جي صورت ھيءَ آھي، جو اسان ڪن بکين اگھاڙن راجپوتن کي لُٽ مار لاءِ سنڌ ۽ گجرات موڪليندا آھيون. اھي تلوار جي زور سان جيڪي ڪجھ ڦري آڻين ٿا، ان تي اسان جو گذارو آھي. اُن حالت کان پوءِ به جيڪو شخص پنھنجي ننگ ۽ عزت جي شيشي کي ھن پٿر سان ٽوڙڻ چاھي؛ پنھنجي شيشي کي ھن سنگِ خارا تي اڇلائڻ گھري ۽ پنھنجو مال دولت ھنن بکين اگھاڙن جي حوالي ڪرڻ جي خواھش ڪري، ته پوءِ سندس مرضي. ان کان وڌيڪ ٻي ڪھڙي خوشيءَ جي ڳالھ ٿيندي، جو رب سائين ڪنھن جي روزي ان جي گھر موڪلي ڏئي. اسان تنهنجي اچڻ جا منتظر آھيون.“

انھيءَ خط جي لھجي مرزا شاھه حَسن کي مڇرائي وڌو ۽ ھو ھڪدم لشڪر وٺي ڄام کنگھار تي ڪاھي ويو. ڄام جي سپاھين ۽ ساٿين ارغون فوج سان کليل جنگ وڙھڻ نا مناسب سمجھي، ڇاپا مار جنگ شروع ڪئي. سنڌي سپاھي رات جو لِڪي، شاھه حسن جي لشڪر تي راتاھا ھڻندا ھئا ۽ جيڪي کُوھه ۽ تلاءَ مرزا شاھه حسن جي رستي ۾ ايندا ھئا، تن ۾ مُئل جانور ۽ ٿوھر وجھي، پاڻيءَ کي زھريلو ۽ اڻ واپرائيجندڙ بڻائي وري جبلن ۾ لِڪي ويندا ھئا. مرزا شاھه حسن انھن مصيبتن کان بيزار ٿي، گجرات ۽ احمد آباد جي فتح جو ارادو بدلائي، ڄام کنگھار جي سپاھه سان نالي ماتر صلح ڪري موٽي آيو. ڄام کنگھار ان کان پوءِ به خاموش ٿي نه ويٺو ۽ ارغونن سان وڙھيو. [1]

حوالا[سنواريو]