مواد ڏانھن هلو

ڄام آري

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ڄام آري سنڌ جي تاريخ ۾ هنَ جو ذڪر موجود آهي. شاهه لطيف پڻ سسئي پنهون جي داستان ۾ آري، آري ڄام، آرياڻي ۽ آريجن جو ذڪر ڪيترائي ڀيرا ڪم آندو آهي. مثال طور:
آن ڪي ويندا گڏيا، آرياڻي اِن پارا.
(سر آبري، داستان پهريون، وائي: 2)
آريءَ جو آتڻ ۾، پڇنديس پاڻ پهاڪو.
(سر آبري، داستان چوٿون، وائي 2)
آءٌ نه گڏي پرينءَ کي، ٿورا ڏينھَ ٿئا،
راتين روز وئا، عبث آريءَ ڄام ري.
(سر معذوري، داستان ستون، بيت 1)

تؤنگ وارو آري ڄام

[سنواريو]

پر تؤنگ وارو آري ڄام ٻيو آهي. سنڌ بلوچستان ۾ آري ڄام جا آستانا يا مزارون ڪافي جاين تي آهن. آري پير جو هڪ آستانو يا مزار مول کان اتر طرف آهي. هڪ آستانو آنڌار جبل ۾ ان هنڌ آهي، جتي نئن سارونا آنڌار جبل مان ٻاهر نڪري ٿي. اڄڪلهه اتي ڊيم ٻڌو ويو آهي. لاهوتي فقير اتي زيارت لاءِ پهچندا آهن. آري پير جي هڪ مزار لڪي جبل جي اولهه ۾ ۽ جهانگارن کان ڏکڻ طرف آهي (حوالو: تحفة الڪرام). ان کان سواءِ مشهور شهر سن کان ڏکڻ طرف ميل ڏيڍ پنڌ تي آري پير جي قبر موجود آهي.[1]

حوالو

[سنواريو]

حوالا

[سنواريو]
  1. ڪتاب: انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد چوٿون، ڇپيندڙ: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي (ISBN: 978-969-9098-80-2) سال: 2012