ڄار

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو
ريشمي ڄار جي هڪ جھلڪ

ڄار وسيلي مهاڻا مڇي ماريندا آهن. ڄار کي ڄارو ۽ رڇ به چئبو آهي. ڄارُ، ڊونڊيءَ يا هُڙهئي تي بيهي پاڻيءَ ۾ اڇلائبو آهي.

ڄارَ جي هيٺين گول رانوَن ۾ لوهي ڇلا پيل هوندا آهن. ملاح مڇيءَ جي سير ڏسي، پوءِ اُن مٿان ڄار اُڇليندا آهن ۽ اُن کي ڇِڪي ڪنهن ڪوڀال يا ڪناري سان سوڙهو ڪندا آهن. پوءِ اُتي ڄار بيهاري، اُن جي مٿان ڪِيرن ۾ پُراڻا ۽ نوان ڄارَ، پاڻيءَ کان ٽي چار فوٽ مٿي ڪري ٻَڌندا آهن. اهڙيءَ ريت هيٺينءَ ڄار (جنهن کي مهاڻا ’پٿرا‘ چوندا آهن) جي مٿان گودا ٺاهيندا آهن، جن ۾ مڇي ٽپ ڏئي وڃي ڦاسندي آهي. جيڪو ڄار مهاڻا ٻيڙيءَ تي چڙهي هٿن سان پاڻيءَ ۾ اُڇلائيندا آهن، اُن کي ’سِر ڄار‘ چوندا آهن. ڄار، خانن ۽ اکن (Meshes) جو اُڻيل هڪ سلسلو ٿيندو آهي، جنهن جي هر هڪ اکي ۾ چار پاسا (legs) ۽ چار ڳنڍيون ٿينديون آهن، ۽ ائين اهو سلسلو ڊيگهه ۽ ويڪر ۾ ڪيترن والن تائين هليو ويندو آهي. اکا (Meshes) تمام ننڍا به ٿين، جن ۾ سنهي مڇي ماريندا آهن، ۽ اکا وڏا به ٿين، جن ۾ سامونڊي توڙي درياهي مڇي ماري ويندي آهي. ڪن حالتن ۾ ڄار پکين کي ڦاسڻ لاءِ به ڪم آڻبو آهي. سنڌ توڙي دنيا ۾ ڄارن جا سوين قسم آهن. ڄار ٺاهڻ وقت اهو خيال رکبو آهي ته اُن ۾ مڇين ڦاسائڻ جي وڌ ۾ وڌ صلاحيت هجي ۽ استعمال ڪرڻ ۾ آسان هجي ۽ اُن کي گھٽ ۾ گھٽ ماڻهو استعال ڪن ته جيئن افرادي قوت بچي سگهي. اڳي ڄار سُٽ جي ڌاڳن مان ٺاهيندا هئا، پر هاڻي ڪيميائي تندن يا ريشن (Fibres) مان به ٺهن ٿا، جيڪي مختلف ٿولهه جا ٿيندا آهن. ڄار ۾ اهڙا تندا ۽ ڌاڳا (fibres) استعمال ڪيا ويندا آهن، جن جي ٿولهه ڊگهائيءَ کان تمام گھڻي گھٽ هوندي آهي. تندي جي ٿولهه کي ’ڊِينئر‘ (Denier) چون. ڊينئر ڪنهن تار جو گرامن ۾ وزن آهي. مثال طور: نائلون جي ٿولهه 210 ڊينئر ۽ ان ۾ شامل 15 تندون، جنهنڪري ان کي 210/15 ڊينئر چئبو آهي. اڄڪلهه نائيلوني ڌاڳا پنجن قسمن جا ملن ٿا:

  • 1) نوان جوڙيل ڌاڳا (Regenerated Fibres): جن ۾ ريان (Rayon) ۽ ڪپرا (Kupra) شامل آهن.
  • 2) نيم مصنوعي ڌاڳا (Semi-Synthetic Fibres): جن ۾ ايسيٽيٽ (Acetate) ۽ ايسي ٽيٽ آڪسائيڊ (Acetate Oxide) اچي وڃن ٿا.
  • 3) مصنوعي ڌاڳا (Synthetic Fibers): جن ۾ نائلون (Nylon)، وينائلون (vinylon)، سارن (saran)، ٽيويرون، هائيزيڪس (Hizex) ۽ پائلين (Pylon) وغيره اچي وڃن ٿا.
  • 4) غير نامياتي ڌاڳا (Inorganic Fibers)
  • 5) قدرتي ڌاڳا (Natural Fibers)

تندن يا ڌاڳن جا پهريان چار قسم مصنوعي ۽ ڪيميائي عنصرن مان جوڙيا وڃن ٿا، جڏهن ته پنجون قسم قدرتي عنصرن جھڙوڪ: سرن، ڪپهه ۽ اڪ جي کَل وغيره مان ٺاهيو وڃي ٿو. مڇي مارڻ لاءِ مهاڻا جيڪي ڄار ڪم آڻيندا آهن، سي ڪيترن قسمن جا ٿين ٿا. مڇي مارڻ لاءِ ڪئنالن ۾ جيڪو ڄار وجهندا آهن، تنهن کي ’پَٽو‘ چوندا آهن. ڪئنال يا واهه ۾ وچ تي هڪ ٻه ڪيرا (ڊگها ڪلا) کوڙي ڄار جو هڪ پاسو واهه جي ڪناري جي هڪ پاسي ۽ ٻيو ٻئي پاسي ڪِيرن ۾ ٻڌندا آهن. ڄار جو هيٺيون پاسو، جنهن طرف پاڻيءَ جو وهڪرو هوندو، ان طرف زمين تي وڇائي ڇڏيندا آهن. ٿوري عرصي کان پوءِ هيٺينءَ رانءِ کي ڇڪ ڏيندا آهن ته مڇي ڄار جي وچ ۾ ڦاسي پوندي آهي ۽ پوءِ اها ڪڍي ڪناري تي اُڇليندا ويندا آهن. ڄار ڇِڪڻ واري هن عمل کي ’مُٺ ڏيڻ‘ چوندا آهن. مڇي مارڻ لاءِ مهاڻا هيٺيان ڄار ڪم آڻيندا آهن:

ڄاهو ڄار[سنواريو]

(Cast Net) هيءُ ڄار مٺي توڙي کاري پاڻيءَ ۾ مڇين ڦاسائڻ جي ڪم اچي ٿو. هن کي درياهه ۽ سمنڊ جي ڪنارن تي مهاڻا استعمال ڪندا آهن. هن جي شڪل گول گهنٽي وانگر ڇٽيءَ جھڙي، ٽڪنڊي يا مخروطي ٿيندي آهي. سنڌ جي سامونڊي ڪنارن تي گھڻو ڪري ڄار مخروطي شڪل ۾ ٺاهيو ويندو آهي. ڄار جي ڪنارن تي هيٺان کيسا يا گودا ٺهيل هوندا آهن. ان کان ٿورو هيٺ مناسب فاصلي تي شيهي جو وزن رکيو ويندو آهي. ڄار مختلف هنڌن تي مختلف ماپن جا ٿيندا آهن. ڄار جي اکن جي ماپ ڏيڍ کان اڍائي انچن تائين ٿيندي آهي. هن ڄار کي مهاڻا ڪناري يا ٻيڙيءَ تان بيهي پاڻيءَ ۾ اهڙي نموني اڇلائيندا آهن، جو اهو پاڻيءَ جي سطح تي پکڙجي ويندو آهي. پوءِ مڇيءَ کي گهيري ۾ آڻي رسيون ڇڪيندا آهن ته مڇي ڦاسي پوندي آهي. هن ڄار کي سورو، پلکو، پکو، ڀرڪو ۽ وهيرو به چوندا آهن.

ڊانگهرو[سنواريو]

ڊانگهرو، ننڍي پاڻيءَ ۾ مڇي مارڻ جو ڄار آهي. هن وسيلي ملاح گهڻو ڪري درياهه جي ڪناري سان مڇي ماريندا آهن. ڊانگهري کي ٻنهي پاسن کان ڪاٺيون ٻڌندا آهن، جن ۾ هڪ همراهه هڪ پاسي ٻيو ٻئي پاسي ڪاٺين ۾ هٿ وجهي، ڪنهن دُٻي يا ڪناري وٽ ڊانگهرو ڦيرائيندا آهن.

نڙو[سنواريو]

هيءُ ڄار 9 کان 10 فوٽ ڊگهو ۽ ويڪر ۾ اڍائي فوٽ کن ٿيندو آهي. نڙو ڪناري تي هڪ پاسي ٻَڌي ڇڏيندا آهن، يا اندر درياهه، ڍنڍ يا دُٻي ۾ وجهندا آهن. ان ۾ لڪڙو يا ڪِيرو کوڙي هڪ پاسي اٽڪائبو آهي. باقي سڄي نڙي کي پاڻيءَ ۾ کولي ڇڏبو آهي. ڄار جي هن قسم ۾ پاڻيءَ جي مٿاڇري تي ڦرندڙ مڇي ڦاسندي آهي. آڳاٽي وقت ۾ نڙو، اَڪَ جي تاندورن مان ٺاهيندا هئا. هاڻي ريشمي ڌاڳي مان ٺاهيندا آهن، پلاسٽڪ جي ڌاڳن مان به ٺاهيو وڃي ٿو. هن ڄار جي ٺاهڻ لاءِ اڳي سٽ به رانوَ طور ڪم ايندو هو.

گهائو[سنواريو]

گهائو وڏو ڄار آهي، جنهن ۾ جهوليون ٿينديون آهن. گهائو ڇڪبو رهبو آهي ۽ مڇي جهولين ۾ پوندي ويندي آهي. گهائي ڄار جي هيٺينءَ رانوَ ۾ لوهه لٽڪيل هوندو آهي. رانوَ ۾ لوهه جا ڇَلا وجهبا آهن. گهائو مضبوط قسم جو ڄار آهي. پنت: هي ڄار ضرورت آهر هڪ سئو والن کان به مٿي ٿي سگهي ٿو. پنت مٿان دڦا يا تنبيون ٻَڌل هونديون آهن، جيڪي ڄار جي مٿينءَ رانوَ کي مٿي جهلي بيهنديون آهن. پنت درياهه ۾ به وجهندا آهن ته ڍنڍن ۾ پڻ وجهبا آهن.

ڄاري[سنواريو]

هيءَ ڄار، ننڍي پاڻيءَ ۾ مڇين کي مارڻ لاءِ گهمائبي رهبي آهي.

ٻج جو رڇ[سنواريو]

ننڍي مڇي مارڻ جو هي ڄار تمام سنهو ٿيندو آهي، جنهن سان تلائن ۾ مڇين جو وڌل ٻج ڦاسائي، ننڍن ڊيمن ۾ وجهبو آهي ته جيئن اهو ٻج وڌي وڏي مڇي ٿئي. ڄانگهي سان مڇي مارڻ: ڄانگهو اهو ڄار آهي، جيڪو ملاح پير ٻوڙ پاڻيءَ ۾ اُڇلائي، مڇيءَ کي تڙ ڪري، رانوَ ويڪريون ڪري، ڇاپولو کوڙي، ڪناري سان ويهندا آهن. ڄانگهيءَ ۾ پاءَ کان اڌ سير جيتري مڇي ڦاسائي ويندي آهي.

ڇَتِ[سنواريو]

اوائلي دؤر ۾ ڏڦي مثل لوهه جي ڇَتِ سان مڇي ماري ويندي هئي، جنهن ۾ ڪاٺ جو چار پنج فوٽ ڳن هوندو هو. مڇي ٿورا پُٺا ٻاهر ڪڍندي هئي ته اُن کي ڇت هڻندا هئا. ڇت سان وڏيون مڇيون به ماري سگهندا هئا. ڇت ڄار يا رڇ کان اڳي جي ايجاد آهي. لوهه جي پهرين دؤر ۾ ڪم آندي وئي هوندي. ان کان اڳي مڇيءَ جو شڪار پٿرن جي اوزارن سان به ڪندا هئا. ==پاکو==پاکو، ڄار جو قسم آهي. هن ڄار جا اکا وڏا ٿيندا آهن، جيڪي خاص ڪري وڏيءَ مڇيءَ ڦاسائڻ لاءِ هوندا آهن. ڄار ٺاهڻ لاءِ ملاحن وٽ ڪاٺ جون پٽيون ماپن تي ٺهيل هونديون آهن. هڪ انچ کان وٺي ٽن انچن جي ماپ جي اکي وارو ڄار ٺاهي سگهبو آهي. اکو ماپ ۾ هڪ جيڏو ٿيندو آهي.

مُٺِ وارو رڇ[سنواريو]

اڳي بئراج يا ڇنڊڻ ۾ پٽا لڳائيندا هئا، تن کي مُٺ وارو ڄار چوندا آهن، ڇو ته مٺ ڏيڻ سان ڄار جي ور ۾ مڇي ڦاسندي هئي. ڄار کي ٿورو مٿي کڻي مڇي ڪڍي وٺندا هئا.

نَڙِي[سنواريو]

هيءُ سنهي پٽيءَ وارو رڇ ٿيندو آهي ۽ مٿي ترندڙ مڇيءَ کي جهَٽي وٺندو آهي. هن ۾ سَر جون تيليون مٿينءَ رانوَ ۾ وجهندا آهن. مڇي پاسو ڏئي نڙيءَ ۾ لڳندي ته ڄار ۾ ڦاسي پوندي آهي. اوجهاڻي: اوجهاڻي درياهه جو ڊگهو ڄار آهي. اوجهاڻي جو ڄار پلن مارڻ ۾ گهڻو مددگار ٿئي ٿو. هن ڄار ۾ اڳ تنبيون مٿينءَ رانوَ ۾ ٻَڌل هونديون هيون. هاڻي پلاسٽڪ جا دڦا ٻڌندا آهن. اوجهاڻيون ڊونڊين يا بَتيلن تي کڻي درياهه ۾ وجهندا آهن ۽ وري ڇِڪي به ٻيڙين ۽ بتيلن تي ڪڍندا آهن. اوجهاڻيءَ ۾ هڪ ئي دس ۾ سوين پلا ڦاسندا آهن.

ڄارو[سنواريو]

هيءُ گول ڄار آهي، مٿي ڊونڊيءَ يا هڙهئي تي بيهي پاڻيءَ ۾ اڇلبو آهي. هيٺين گول رانوءَ ۾ لوها ڇلا پيل اٿس. اڪثر ڪري ملاح مڇيءَ جي سير ڏسي ان مٿان اڇليندا آهن. پٿرو: وڏين ڍنڍن ۾ سنها ڪاٺ کوڙي، انهن ۾ هڪ وڏو ڄار ٻَڌي، هڪ جهولي ٺاهبي آهي، جيڪا گول هوندي آهي، پوءِ ملاح ننڍين ٻيڙين يا هوڙهن تي چڙهي، ٻيڙيءَ جي چوڌاري ڦِرندا ۽ ٿالهيون وَڄائيندا، ڌاڙ ڌاڙ ڪندا، پٿري جي ويجهو ايندا رهندا آهن. ٿالهين جي ڌاڙ ڌاڙ تي مڇيون ٽَهنديون، پُٺتي هَٽنديون آهن ۽ پٿري ڏانهن ڌوڪينديون آهن. تان جو پٿري واري جهوليءَ ۾ ڦاسي پونديون آهن. هيءُ نمونو قديم آهي. ڪلري، بگهاڙ فيڊر کان اڳ، ڪينجهر ڍنڍ مان پٿري وسيلي مڇي ماري ويندي هئي، پر هاڻي پاڻيءَ جي اونهائيءَ سبب اهو نمونو ڪم نٿو اچي.

اوجهڻ[سنواريو]

هي نڙي وانگر هڪ رڇ ٿيندو آهي، جنهن جي هڪڙي ڇيڙي تي تنبُو ۽ ٻئي ڇيڙي تي ننڍو بتيلو ٻڌل هوندو آهي. هن کي ڊگهو ڪري درياهه ۾ اُڇلائيندا آهن، جنهن ۾ هيٺ زمين تان ايندڙ مڇي ڦاسي پوندي آهي.

سنڌور[سنواريو]

مڇي مارڻ جو هيءُ تمام قديم طريقو آهي. هڪ ڊگهي ڇڙهه جي ڇيڙي ۾ ڄاريءَ جي ڳوٿري ٻَڌل هوندي آهي، جا ڪانٽي وانگر هوندي آهي. هن جا پاسا پنج فوٽ ڊگها ٿيندا آهن، جي ڄاريءَ کي کليل رکندا آهن. مڇي ماريندڙ، ٽامي يا مٽيءَ جي مٽ تي پيٽ رکي ’لهوارو‘ ترندو، پاڻيءَ کي پيرن سان پوئتي ڌڪيندو ويندو آهي. ڄاريءَ کي عمودي هيٺ لاهيندو آهي ۽ رسيءَ کي ساڄي هٿ سان مضبوط جهليندو آهي. خاص طور هيءُ ڄار پَلي کي مارڻ لاءِ ڪم ايندو آهي. اوڀارو ويندڙ پلو، اڃا ڳوٿريءَ سان ٽڪرندو ئي نه آهي، ته گهاتو رسيءَ کي ڍرو ڪندو آهي. اک ڇنڀ ۾ ڄار کُلي پوندو آهي ۽ وري بند ٿي ويندو آهي ۽ پلو ڦاسي پوندو آهي، پوءِ ڇڙهه کي پاڻيءَ کان ٻاهر مٿي ڪڍي، پلي کي سوئو هڻي، بي پهچ ڪري، مٽ ۾ وجهبو آهي. پلي مارڻ جو اهو عمل اک ڇنڀ ۾ ٿي ويندو آهي.

سيري[سنواريو]

هيءُ ڄار ڪُنبن يا وڏن ڍنڍن ۾ لاهيندا آهن. هيٺينءَ پاسي جي رانوَ کي لوهه پيل هوندو آهي. درياهه جي ڪنب يا ڍنڍن ۾ ڪاٺ ۽ دڙا هوندا آهن. ڄار ڇڪڻ مهل جيڪڏهن دڙي يا ڪاٺ ۾ ڦاسندو آهي ته ملاح (ٽوٻا) ٽُٻي هڻي پاڻيءَ ۾ اندر وڃي دڙي مان ڄارُ ڇڏائي اڳتي ڇڪيندا آهن. ائين ڄار کي آهستي آهستي اڳتي ڇڪيندا هلندا آهن. ان ڪري ان ڄار کي ’سيريءَ جو ڄار‘ چئبو آهي.

ٽُنب[سنواريو]

ٽُنب، رڇ جو قسم آهي، جنهن ۾ ڍنڍ يا ڪنب ڪوڀال ۾ رڇ وجهي، ڇڪي ڪناري جي ويجهو آڻي، مڇيءَ کي ڄڻ بند ڪبو آهي. گهاتُو هڪ پاسي ڀَن ٺاهيندا آهن، جيڪو مڇي ٽپڪا ڏئي ٽپي ويندي آهي ته پوءِ اُن جي مٿان ڄار جا ٽُڪر (پٿرا) اٽڪائيندا آهن، جن ۾ مڇي ڦاسي پوندي آهي.

ڪُڙهِي[سنواريو]

هي ڄار ڇهن پاون ۾، جيڪي گول ڪاٺ جي مَنَرِ (ڪاٺ جي دائري دار ٽُڪري) سان هڪ ئي فاصلي تي ٻڌل هوندا آهن. ٽن چئن فوٽن کان ڇهن ستن فوٽن وارا هي گول ڄار ڪڙهيءَ جي پاون جي اندران ٻڌل هوندا آهن. وچ ۾ ننڍي رڇ جو مارت (ماريندڙ) پاون کي مٿئين پاسي جهليندو آهي، پوءِ گوڏي يا سٿر جيڏي پاڻيءَ ۾ ڪڙهي هڻندو هلندو آهي. مڇي ڪڙهيءَ کي لوڏيندي آهي ته ماري ڪڙهي جو وچ کڻي ڦٽو ڪندو آهي، پوءِ ڪڙهيءَ جا پاوا گپ ۾ کوڙي، ڪڙهيءَ جي ڄاريءَ مٿان هٿ گهمائي ڏسندو آهي. جيڪڏهن هٿ کي مڇي لڳندي اٿس ته ان کي وٺي ڪهَه ۾ وجهندو ويندو آهي.

ڪُڙهه[سنواريو]

وڏين ڪڙهين کي ڪُڙُهه چوندا آهن. آڳاٽي زماني ۾ ڪڙهه سان ملاح ڪنارن سان پلا به ماريندا هئا. وڏي مڇي، ننڍي ڪڙهيءَ جا پاوا ڀڃي وجهندي آهي. ان ڪري وڏي مڇي مارڻ لاءِ ’ڪُڙههَ‘ ڪم آڻبا آهن. ڪڙهه جي ڄاريءَ جا پاکا ويڪرا هوندا آهن، اُن ڪري وڏي مڇي ڦاسي پوندي آهي.[1]

حوالو[سنواريو]

حوالا[سنواريو]

  1. ڪتاب: انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد چوٿون، ڇپيندڙ: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي (ISBN: 978-969-9098-80-2) سال: 2012