ڀڳت

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو

ڀڳت ___(Bhagat):


ڀڳت سنڌي نرت ناٽڪ جو ابتدائي روپ آھي. ڀڳت، ڀڳتي اڪثر مرد ھوندا ھئا، جيڪي عورتن جو ويس ڍڪي، پيرن ۾ گھنگھرو ٻڌي، محفلن ۾ ”ڀڳت“ وجھي حاضرين کي خوش ڪندا ھئا. ڀڳت وجھندڙ کي ’ڀڳت‘ چيو ويندو ھو. پنھنجي ڀڳت وجھڻ کان اڳ ڀڳت ”سر ڪلياڻ“ مان ھڪ پرارٿنا پڙهندا ھئا. جھڙي نموني قديم يونان ۾ ’ٽريجدي‘ کان اڳ ڪورس ۾ دعا پڙھي ويندي ھئي ۽ ڌڻيءَ جي واکاڻ ڪندا ھئا. اھڙيءَ ريت ناچ بھ ڀڳت جو روح ھوندو ھو. سنڌ ۾ پراڻي زماني کان ميلن ملاکڙن ۾ لوڪ ناٽڪ (Folk Theatre) ٿيندا هئا. ڀڳت کي ناٽڪ جي شروعاتي صورت چئي سگھجي ٿو. ڪڏھن ڪڏھن ڀڳت ۾ ڪا ڪھاڻي، ڪو منظر، سوال، جواب تي ٻڌل قصي جي صورت ۾ پيش ڪئي ويندي ھئي. اھڙي نموني ڀڳت ڪندڙ فنڪار ۽ اداڪار، اداڪاري ڪندو ۽ نچندو بھ ھو. ڀڳت وجھندڙ اداڪارن جو انگ ھميشھ ٻھ يا ٽي ھوندو ھو. اھي ڀڳت سٺا ڳائڻا بھ ھوندا ھئا. ڪنور ڀڳت، نارو ڀڳت، موٽيو ڀڳت، موهن ڀڳت سنڌ جا مشهور ڀڳت ٿي گذريا آهن. سيد سليمان شاهه به هن قسم جو ڳائڻو هو.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. .ڪتاب:ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛مرتب: مختيار احمد ملاح؛پبلشر:سنڌ لئنگئيج اٿارٽي