ڀڃڪير

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ڀڃڪير __ھو ڊن اٽ__(Whodunit):

جاسوسي ڪهاڻي( detective story)، جنهن ۾ قتل جو سراغ لهڻ بابت سمجهاڻي يا قاتل جي تلاش ڪرڻ بابت ڪهاڻي هجي.[1] جرنلسٽ وولف ڪافمين دعوي ڪئي ھئي تہ جاسوسي ناول لاءِ ھو-ڊن-اٽ لفظ جو استعمال سڀ کان پهرين ان ورائٽي ميگزين ۾ 1935 عيسويءَ ۾ ڪيو ھو. 1920 کان 1950 تائين ڀڃڪير يا ھو-ڊن-اٽ ناولن جو سونھري دؤر سمجھيو ويندو آھي. ان عرصي دوران برٽش ليکڪن ڏاڍو نالو ڪمايو جن ۾ اگاٿا ڪرسٽي، نڪولس بليڪ، جي.ڪي.چيسٽرٽن، ڪرسٽيئانہ برينڊ، ايڊمنڊ ڪرسپن، ميخائيل انز، ڊورٿي ايل. سيئرس، گليڊس مچيل، جوزيفائين ٽي شامل آهن.

حوالا[سنواريو]

  1. .ڪتاب:ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛مرتب: مختيار احمد ملاح؛پبلشر:سنڌ لئنگئيج اٿارٽي