ڀيرٻ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ڀيرَٻَ کي چِٻ بہ چون. هي گُگھ جي قسم مان ساڻس مشابهت رکندڙ آهي، پر قد ۾ ننڍيرو، مٿو ويٺل، ڪَن پاسن کان نوڪدار ۽ اُڀا ۽ اکيون وڏيون ٿينديون اٿس. ڏينهن جو گهڻو ٻاهر ڪانہ نڪري. جهونن وڻن، خاص ڪري کٻڙن جي ٿُڙن جي پورن (خالي جاين) ۾ رهي، رات جو ٻاهر نِڪرندي آهي. ٿري مسافر هن جو ٻولڻ سَوَڻَ طور ويچاريندا آهن.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. ڪتاب جو نالو: تاريخ ريگستان (ڀاڱو ٻيون)، مصنف: رائچند هريجن، ايڊيشن: ٽيون، سال: 2005ع، ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو، سنڌ.