ڀورو رڇ

ڀورو رڇ (Brown Bear) حيوانات جي اُرسيڊي (Ursidae) نسل سان تعلق رکي ٿو، جنهن جو سائنسي نالو (Ursus Arctos) آهي، ڀوري رڇ جو نسل ايشيا، يورپ ۽ آمريڪا جي ٻيلن ۽ پهاڙن ۾ ٿيندو آهي. ايشيا ۾ هماليه جبل ۾ جنم وٺندڙ رڇ ڪافي مشهور آهن. رڇ جي نسل ۾، ڀورو رڇ سڀ کان وڏو ٿيندو آهي ۽ گھڻي ڀاڱي الاسڪا ۾ هوندو آهي، جنهن جو قد 3 ميٽر (10 فٽ) ۽ وزن 800 ڪلوگرام ٿيندو آهي. يورپ ۾ جنم وٺندڙ ڀورو رڇ ان کان ننڍو ٿيندو آهي، جنهن جو قد 2 ميٽر (6.6 فوٽ) ۽ وزن 350 ڪلوگرام تائين ٿئي ٿو. ڀوري رڇ جي ٻين قسمن ۾، مِٽيءَ ۾ رهندڙ رڇ ۽ ڪوڊيڪ رڇ مشهور آهن. ڀوري رڇ جي وارن جو رنگ مٽيءَ جھڙو، تيز ڳاڙهو يا تيز پيلو ٿيندو آهي. جيتوڻيڪ رڇ ڀاڄيون کائيندڙ جانور آهي، پر ڀورو رڇ پنهنجي خوراڪ لاءِ ٻين جانورن تي به حملو ڪري سگھي ٿو. هي رڇ مڇين جو شڪار پڻ ڪري ٿو. هي رڇ انسان تي حملي ڪرڻ وقت ڪافي خطرناڪ ثابت ٿئي ٿو.[1]
حوالا
[سنواريو]ٻاهريان ڳنڍڻا
[سنواريو]
- LCCN سان سڃاڻپ ڪندڙ وڪيپيڊيا مضمون
- GND سان سڃاڻپ ڪندڙ وڪيپيڊيا مضمون
- BNF سان سڃاڻپ ڪندڙ وڪيپيڊيا مضمون
- ڀورو رڇ
- جهنگلي جانور
- همه خور مماليا
- اسڪيونجرز
- يورپ جا مماليا
- اتر آمريڪا جا مماليا
- ايشيا جا مماليا
- اُرسس (ٿڌل جانور)
- فنلينڊ جا قومي نشان
- روس جا قومي نشان
- هولارڪٽڪ دائري جا جانور
- آرڪٽڪ زميني جانور
- آرڪٽڪ جا مماليا
- رهائش جي هدايت واري جنس
- 1758 ۾ بيان ڪيل ٿڻائتا جانور
- ڪارل لينئي پاران نامزد ڪيل جانورن جا ٽيڪسا
- آئي يو سي اين خطري کان دور جنسن جي ڳاڙهي فهرست
- موجوده وچين پلائسٽوسين پهريون ڀيرو ظاهر ٿيو
- پلائسٽوسين رڇ
- فر واپار