ڀنڀور مسجد

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ڀنڀور مسجد جا آثار

ڀنڀور مسجد 1951ء ۾ ڀنڀور ڀڙي جي کوٽائي شروع ٿي ۽ 1958ء ۾ قلعي جا آثار ظاھر ٿيا ۽ 1960ء ۾ ھڪ عمارت ملي، جنھن کي مسجد قرار ڏنو ويو. آثار قديمه جي بيان مطابق ننڍي کنڊ ۾ ھيءَ پھرين مسجد آھي، ھن جي ڊيگهه 128 فوٽ ۽ ويڪر 122 فوٽ آھي. مسجد جي اڱڻ ۾ سرن جو فرش آھي. الھندي طرف وسيع دالان آھي، جنھن جي ڇت ٿنڀن جي ٽن قطارن تي قائم ھئي. ھر قطار ۾ 33 ستون يا ٿنڀ ھئا، اتر، ڏکڻ ۽ اڀرندي ۾ ورانڊا ھئا، جن جي ڇت، پٿر جي ٿنڀن جي ٽيڪ تي بيٺل ھئي، ھيءَ مسجد، ڪوفي جي جامع مسجد ۽ واسطه جي جامعه مسجد جي نقشن مطابق ٺھيل ھئي، مسجد مان ڪوفي خط جا ڪتبا به مليا آھن، ڪن مورخن جي خيال ۾ اھا پھرين اسلامي مسجد ھئي، جيڪا ديبل جي فتح کان پوءِ محمد بن قاسم ٺھرائي ھئي.[1]

  1. www.encyclopediasindhiana.org |انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا