مواد ڏانھن هلو

ڀتا خوري

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ڀتا خوريءَ (Extortion) هڪ تشدد وارو جو ڏوھ آهي، جنهن تحت ڏوهاري ڪنهن بہ ماڻهوءَ تي دٻڙ ڌونس ڪري يا ڌمڪيون ڏئي، سندس مرضيءَ خلاف ۽ پنهنجي مرضيءَ موجب معاشي يا مادي فائدا حاصل ڪري.

ڀتا خوري! لاطيني زبان جو لفظ آهي، جنهن جو مطلب بليڪ ميلنگ، دٻاءُ، ڌوڪيبازي، ڏاڍ، ڏهڪاءُ، ڦر مار ۽ ڪنهن کي نقصان پهچائڻ آهي.

ڀتا خوري هڪ حقيقت آهي جيڪو لفظ هن دور ۾ دهشتگرد تنظيمن، ڦورن ۽  صحافت جي شعبي ۾ ڪجهه صحافين لاءِ استعمال ڪيو وڃي ٿو،  جنهن تحت تشدد، ڌمڪيون ۽ ٻين ڏاڍاين وارن طريقن کي استعمال ڪري، ڪنهن کي خوف ۾ وجهڻ آهي ۽ ان خوف ۾ مبتلا ماڻهن کان پنهنجي مرضيءَ موجب، معاشي، سياسي، مادي فائدا وٺڻ جهڙا ڏوھ شامل آهن. جن ڏوهن وسيلي پنهنجي ڪٽنب يا اهل و عيال لاءِ  ڪم وٺڻ آهي!

بدقسمتيءَ سان ڀتا خوري هڪ عام ڏوھ بڻجي ويو آهي، پر ان کي قانون ذريعي گرفت ۾ آڻي سزاوار بڻائي سگهجي ٿو. ڇو تہ ڀتاخوري جسماني، اخلاقي، وراثت، املاڪ ۽ انسانن جي آزادي تي حملو ڪرڻ جي ذمري ۾ بہ اچي ٿو.

حوالا

[سنواريو]