ڀتا خوري

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ڀتا خوري : (Extortion)

ڀتا خوريءَ جو ٻيو نالو ڏوھ ڪرڻ جي زيادتي آهي، جنهن تحت ڏوهاري ڪنهن بہ ماڻهوءَ تي دٻڙ ڌونس ڪري يا ڌمڪيون ڏئي، سندس مرضيءَ خلاف ۽ پنهنجي مرضيءَ موجب معاشي يا مادي فائدا حاصل ڪري.

ڀتا خوري! لاطيني زبان جو لفظ آهي، جنهن جو مطلب بليڪ ميلنگ، دٻاءُ، ڌوڪيبازي، ڏاڍ، ڏهڪاءُ، ڦر مار ۽ ڪنهن کي نقصان پهچائڻ آهي.

ڀتا خوري هڪ حقيقت آهي جيڪو لفظ هن دور ۾ دهشتگرد تنظيمن، ڦورن ۽  صحافت جي شعبي ۾ ڪجهه صحافين لاءِ استعمال ڪيو وڃي ٿو،  جنهن تحت تشدد، ڌمڪيون ۽ ٻين ڏاڍاين وارن طريقن کي استعمال ڪري، ڪنهن کي خوف ۾ وجهڻ آهي ۽ ان خوف ۾ مبتلا ماڻهن کان پنهنجي مرضيءَ موجب، معاشي، سياسي، مادي فائدا وٺڻ جهڙا ڏوھ شامل آهن. جن ڏوهن وسيلي پنهنجي ڪٽنب يا اهل و عيال لاءِ  ڪم وٺڻ آهي!

بدقسمتيءَ سان ڀتا خوري هڪ عام ڏوھ بڻجي ويو آهي، پر ان کي قانون ذريعي گرفت ۾ آڻي سزاوار بڻائي سگهجي ٿو.  ڇو تہ ڀتاخوري جسماني، اخلاقي، وراثت، املاڪ ۽ انسانن جي آزادي تي حملو ڪرڻ جي ذمري ۾ بہ اچي ٿو.