ٿر ۾ شو ميلا

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

شِو جو ميلو: هي ميلو ٽن هنڌن تي شو راتڙي ڏينهن لڳندو آهي: 1- عمرڪوٽ جي ڀرسان کاروڙي ڳوٺ وٽ، جتي شِوَ جو مندر ٺهيل آهي. ٽي ڏينهن هلندو آهي. 2- ننگرپارڪر ۾ ڪارونجهر جبل جي سارڌري تيرٿ تي شوراتڙيءَ جي ڏينهن لڳندو آهي. هي هندن جو مشهور تيرٿ آهي. ڪيترائي شرڌالو ايندا آهن، ڀڄن ڀاو ٿيندو آهي. 3- مٺي شهر ۾ شوراتڙيءَ تي مهراج شامداس مختيارڪار پنهنجي سوڳواسي پتا مهراج مکي تارا چند جي يادگيريءَ ۾ لڳائيندو آهي، جو ٽي ڏينهن هلندو آهي. سنڌ کان ڪافي ملهه، ڀڄنن وارا، ڳائڻا ۽ ڀڳت ايندا آهن. گهوڙن ۽ اُٺن جون شرطون، ناٽڪ ۽ ملاکڙو لڳندو آهي. ڀڳت ٿيندي آهي. مهراج پنهنجي سر انعام ڏيندو آهي ۽ ميلي لاءِ خرچ ڪندو آهي[1].

حوالا[سنواريو]

حوالا[سنواريو]

  1. ڪتاب جو نالو ؛ تاريخ ريگستان (ڀاڱو ٻيون) -مصنف؛ رائچند هريجن -ايڊيشن؛ ٽيون- سال؛ 2005ع -ڇپائيندڙ؛ سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو