ٿرڙي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

سنڌ ۾ ڪيتريون اھڙيون وسنديون ۽ ڳوٺ آھن، جن جا نالا ٿرڙيءَ پويان آھن. جھڙوڪ؛ 1. وارھ شھر جي ڀرسان؛ ٿرڙي ھاجرھ، جانڻ چن جو ڳوٺ. 2. وڳڻ شھر جي ڀرسان، ٿرڙي ھاشم، تنيا فقيرن جو ڳوٺ. 3. ميھڙ جي ڀرسان، ٿرڙي محبت. 4. ٿرڙي جادو. ٿرڙيءَ جو حوالي سان سنڌيءَ ۾ ڪجهه چوڻيون به مشهور آهين. مثال جي طور تي، ٿرڙي ٿي ڍرڙي، لٿو لاڏ لغارين جو. هن چوڻي مان مراد هي آهي ته، لغارين جي ھڪڙي ڳوٺ، جيڪو ٿرڙي نالي سان منسوب آھي جو ذڪر آھي. ان مان مراد اھا آھي ته جيڪڏهن ان جو رعب گھٽيو ته لغارين جو به لاڏ لھي پوندو. مطلب ته، جڏھن ڍءُ ختم ٿيندو آ ته غرور به ٽٽي ويندو آ. ٿرڙيءَ جي حوالي سان هڪ ٻئي به چوڻي ماءُ پيءُ-پِٽِين جا، ٿرڙيءَ ۾ ٿاڻا پڻ مشهور آهي. هن مان مراد هي آهي ته، جيڪو اولاد، ماءُ پيءُ جو بي ادب ٿئي ٿو ۽ اھي کيس پِٽين ٿا ته اھو ساڳائي به نه ٿو. ان جي زندگي، ٿاڻن جھڙن ڏکين يا ٿر کان به چٽ ٿرڙين جھڙن علائقن منجھ گذري ٿي. مطلب ته، ماءُ-پيءُ-پِٽين جا، ٿرڙيءَ ۾ ٿاڻا، هڪڙا ڪاهن جنڊ، ٻيا وتن ويڳاڻا. [1]

حوالا[سنواريو]