پڪا

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان


پڪا:

ڪرڙ جهي پڪن مان وري تاهري ٺاهين، زالون هيئن ڪن، جو وڏا ڳاڙها پڪل پڪل پڪا چونڊي، انهن جون ويهي کلون لاهينديون. پوءِ اندريان ٻجن جا ڳوڙها گڏ ڪري، ڪنهن ٿانوَ ۾ وجهي ميڌيئڙو هڻندن، تان جو ٻج جدا ٿي ويندا، ۽ ڳڙ ڳري رس ٿي پوندي، پوءِ ڇا ڪنديون، جو انهي رَسَ ۽ ٻجن کي ڪنهن پرڻ يا ڪپڙي مان ڇاڻي ٻج اڇلائي ڇڏينديون ۽ رس ڍڪي ٺاهي رکنديون. هوڏي وري ڇا ڪنديون، جو رس آهر چانور ڇنڊي، چونڊي، ڌوئي، پسائي رکنديون. ٿوري وقت پسڻ کان پوءِ ديڳڙيو چاڙهي، ان ۾ گيهه ۽ ڦوٽا وجهي ٽڙڪائينديون، پوءِ انهيءَ ۾وجهنديون پڪن جي رس، پوءِ وجهنديون پسيل چانور، پوءِ قدر آهر لوڻ وجهي، رڌي ڏاڍو دم ڏئي ڇڏينديون، دم اچڻ کان پوءِ تاهري تيار. ڀانئجي ته زردو چاشني ڇڏي، پڪن جي تاهري ويهي کائجي، جنهن ۾ ساءُ به سٺو، خرچ به ڪونه، نه ڳڙ وٺڻو پوي نه کنڊ پڪن سان ته ڪِرڙ ڀريا پيا هوندا آهن. رڳو چونڊڻ جي دير هوندي آهي[1]

حوالا[سنواريو]

  1. {ڪتاب: سنڌ جي مدنيت؛ از:سيد منظور نقوي ؛ ٻيون ايڊيشن 1978، پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو [http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book22/Book_page 4.html http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book22/Book_page 4.html] Check |url= value (مدد).  line feed character in |url= at position 67 (مدد); Missing or empty |title= (مدد)}