پڃري
پڃري:
بار کڻڻ جي زور ۾ دنيا ۾ ”بار بيل“ مشهور آهن، پر سنڌ ۾ وري بار بيل جي بدران پڃري کڻن. بار بيل ٻنهي هٿن سان کڻن پر پڃري رڳو هڪ هٿ سان کڻن. ڇا ڪن جو هڪ سوڌو وزن دار پٿر وٺي انکي پوري وچ ۾ مٿئين پاسي کان مٺ ڪڍائين. مٺ ايتري هجي، جنهن ۾ هٿ مضبوطيءَ سان پئجي سگهي. پوءِ انهيءَ مٺ ۾ هٿ وجهي پڃريءَ کي ٽنگن جي وچان لوڏو ڏئي، هڪڙي هٿ سان ڪلهي تي آڻين، اتي ڪلهي تي جهلي وري هڪڙي ئي زور سان ٻانهن سڌي ڪري پڃريءَ کي مٿي جهلين. جي ڪو وڌيڪ زور وارو آهي، ته پڃريءَ کي واري لاهي ڪلهي تي آڻيندو ۽ اتان وري ٻانهن سڌي ڪندو، انهيءَ کي ” ڪولابا ڪڍڻ“ چون، پوءِ جيترا ڪولابا ڪير ڪڍي. پڇري کڻڻ جو ٻيو طريقو هي ٿيندو آهي، جو پڃريءَ کي ڪلهي تائين آڻي پوءِ ٻانهن اڇل سان نه، پر آهستي آهستي سڌي ڪن، تان جو ٻانهن پوري سڌي ٿيو وڃي. انهيءَ زور کي پڃري ”ڏهي کڻڻ جو زور“ چوندا آهن. پڃري کڻڻ جو ٽيون قسم هي ٿيندو آهي،جو پڃري جي مٺ ۾ هٿ وجهي،يڪي زور ۾ ٻانهن سڌي ڪري وڃن، انهيءَ قسم جي زور کي ”سلهه“ کڻڻ چوندا آهن. ڪي پهلوان ته انهن ٻن زورن ۾ به ڪولابا ڪڍندا آهن. جي پڄري ڪجهه هلڪي هوندي آهي ته ڪي پهلوان وريءَ پچري جهٽين، سو هيئن جو مٺ ۾ هٿ وجهي، زمين تان لوڏو ڏئي مٿي اڇلي مٺ مان هٿ ڪڍي پڃريءَ کي هيٺان هٿ ڏئي تريءَ تي اڀي بيهارين. ڪي ته وري اتان ئي اڇلي مٺ ۾ هٿ وجهي وري هيٺ لاهين. ڪي وري پڃري جهٽي ڪلهي تي بيهارڻ کان پوءِ اڇل ڏئي، ٻانهن سڌي به ڪن ۽ ڪولابا به ڪڍن.
اڳي ته ماڻهو ٽمڻي پچري، آسانيءَسان کڻندا هئا، پر هن زماني ۾ مڻي پڃريءَ ۾ به ڪو سنڊي هت وجهندو. ٻه مڻي پڃري ڪلهي تي آندائون ڄڻ دنگ ڪري ڇڏيئون.[1]
حوالا
[سنواريو]- ↑ {ڪتاب: سنڌ جي مدنيت؛ از:سيد منظور نقوي ؛ ٻيون ايڊيشن 1978، پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book22/Book_page11.html. Missing or empty
|title=
(مدد)}