پٽيالہ سلوار

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

پٽيالہ سلوار زناني لباس جو قسم آھي جيڪو تاريخي طور تي پنجاب جي شھر پٽيالہ جو لباس رھيو آھي ۽ ان ئي مناسبت سان ھن جو نالو پيو۔ پٽيالہ جي قديم حڪمران طبقے ۾ ھن لباس کي شاھي لباس جو درجو حاصل ھو۔ پٽيالہ لباس ۽ پٺاڻي لباس ھڪ ٻئي سان گھري ھڪجھڙائي رکن ٿا پر انھن ٻنھي ۾ بنيادي فرق ھي آھي تہ پٽيالہ سلوار عام طور تي گھڻي ويڪري ھوندي آھي گڏوگڏ پٽيالہ لباس ۾ قميص جا آڳا ننڍا ھوندا آھن۔ پٽيالہ لباس ھاڻي ڪافي گاڏڙ ساڏڙ ٿي چڪو آھي ۽ ھن ۾ ھاڻي مردن جي لاءِ بہ ھڪ قسم جو لباس ٺاھيو وڃي ٿو بھرحال پراڻي وقتن ۾ ھن نموني جو رڳو عورتن جو لباس تيار ٿيندو ھو۔

ھي لباس عام طور تي اھڙي ڪپڙي مان تيار ٿيندو آھي جيڪو انسان کي ڳرو نہ لڳي اھو ئي سبب آھي تہ پنجاب ۽ ڀارت جي ٻين اترين علائقن ۾ ھن کي مقبوليت حاصل آھي، ھي گرمين جو بھترين لباس سمجھيو وڃي ٿو۔ پٽيالہ لباس کي شاھي لباس بہ چيو ويندو آھي ڇو تہ پراڻن وقتن ۾ ان کي صرف پٽيالہ جي شاھي خاندانن جا ماڻھو پھريندا ھئا۔

پڻ ڏسو[سنواريو]

  • سلوار قميص
  • پٽيالہ