پيٽ جا ڪيڙا

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
پيٽ جا ڪيڙا

پيٽ جا ڪيڙا (Worms/ Helminthes) هن وقت تائين جي تحقيق موجب ننڍا وڏا پيٽ جا ڪيڙا ڳاڻاٽي ۾ 135 قسمن جا ٿين ٿا، جيڪي پيٽ جا ڪيڙا گهڻي ڀاڱي وڏن ماڻهن جي ڀيٽ ۾ ٻارن کي عام ٿين ٿا، پيٽ جا ڪيڙا گهڻي تعداد ۾ آنڊن ۾ ٿين ٿا ۽ اُتي واڌ ويجهه به ڪن ٿا، باقي ٿوري تعداد ۾ معدي ۽ ويهڪ واري جاءِ ( Rectum) ۾ به ٿين ٿا، ان کانسواءِ ڪي اهڙا به ڪيڙا آهن، جيڪي ٻار جي جيري، ڦڦڙن، دماغ ۽ مختلف قسمن جي اوڄن (Tissues) ۾ ٿين ٿا، اهي سمورن قسمن جا ڪيڙا ٻار کي ڪنهن نه ڪنهن قسم جو نقصان پهچائيندا رهن ٿا.

پيٽ جي ڪيڙن جا قسم[سنواريو]

(Types of Worms)

پيٽ جي 135 قسمن جي ڪيڙن کي انهن سڃاڻپ، خاصيت ۽ فعل جي حساب سان هيٺين چئن مکيه قسمن ۾ ورهائي سگهجي ٿو:

  • (1)سيڪيون/سمڪويون (Threadworms/Pinworms OxyurisVermicularis)
  • (2) گول ڪيڙا (Roundworms :Ascaris Lumbricoides)
  • (3) چپٿرا / پٽي وارا ڪيڙا (Tapeworms:Teenias)
  • (4) ڪنڊيدار ڪيڙا (Hookworms Chnkylos Tomaduodenale)

سيڪيون/سمڪويون[سنواريو]

(Threadworms/ Pinworms (Oxyuris Vermicularis)

هن قسم جي پيٽ جي ڪيڙن کي سيڪيون (سمڪيون) به سڏيندا آهن، ٻارن توڙي وڏن ماڻهن کي، ٻين پيٽ جي ڪيڙن جي ڀيٽ ۾ هي عام ٿين ٿا. هن قسم جا ڪيڙا وڏي آنڊي (Large Intestine) ۾ رهن ٿا، جتي هي ڪيڙا وڌن ۽ ويجهن ٿا، هن ڪيڙي جي مادي رڳو بيدن لاءِ وڏو آنڊو ڇڏي هيٺ ويهڪ جي جاءِ (پڇي) واري حصي ۾ لهي ايندي آهي، جتي پنهنجي عمر جي مختصر وقت ۾، جيڪو پندرهن ڏينهن جو مس ٿيندو آهي، هزارين بيدا لاهي ويندي آهي، هن ڪيڙي جا بيدا، (لاروا) ايترا ته گهڻا هوندا آهن جو پاڻمرادو ٻار جي پائخاني ۾ ٻاهر نڪري ايندا آهن، هن ڪيڙي جا بيدا يا لاروا ٻار جي ڪاڪوس ۾ نه به اچن، پر ڪيڙو خود ڪاڪوس ۾ نظر ايندو آهي، هنن قسمن جي ڪيڙن جي ڊيگهه 10 ملي ميٽر ٿئي ٿي، ٻين قسمن جي ڪيڙن وانگر پيٽ جي هن ڪيڙي جي مادي نر جي مقابلي ۾ ڊگهي ٿئي ٿي، هي ڪيڙا هميشه ڇڳن (Bunch) جي صورت ۾ ٿين ٿا، جيڪي سدائين پاڻمرادو ٻار جي ڪاڪوس ۾ نڪري ايندا آهن، هنن ڪيڙن جي اهائي سڃاڻپ ڪافي آهي ته هي ڪيڙا اڇي رنگ جا سنهڙا ڪوِلين وانگي ٻار جي ڪاڪوس تي چرندي نظر ايندا آهن. ٻارن ۾ مٺيون شيون چاڪليٽ، ٽافيون، پيسٽري، ڪيڪ، آئس ڪريم، مٺايون ۽ مٺيون سوپاريون، ميدي مان ٺهيل اهڙين شين جي کائڻ ڪري پيٽ ۾ هن قسم جا ڪيڙا ٺهن ٿا. ان کانسواءِ معصوم ۽ ننڍن ٻارن کي پاروٿو، اڻ ڪڙهيل کير پيارڻ، بوتل ۾ گهڻيءَ دير تائين پاروٿو ڪري کير پيارڻ، دٻي جو کير پيارڻ ۽ ٿڃ پياڪ ٻارن جي مائرن پاران پاروٿي کاڌي کائڻ، فاسٽ فوڊ، تريل شين ۽ آچار کائڻ ڪري ٻارن جي پيٽ ۾ سيڪيون ٿيڻ جو سبب بنجي ٿو. جيئن ته هنن ڪيڙن جي رهڻ جو هنڌ ٻار جو وڏو آنڊو آهي، ان ڪري هن قسم جا ڪيڙا سولائيءَ سان وڏي آنڊي کان هيٺ ٻار جي ويهڪ جي جاءِ تائين پهچن ٿا. مادي ويهڪ جي جاءِ ۾ پهچي بيدا لاهيندي آهي، ماديءَ جي بيدن لاهڻ وقت نر به ماديءَ سان گڏ هوندو آهي، جيڪو ٻار جي ويهڪ جي جاءِ کي چڪ هڻندو ۽ پٽيندو رهندو آهي، ان ڪري ٻار جي ويهڪ جي جاءِ ڳاڙهي ٿي پوندي آهي ۽ هر وقت پئي پوسربي آهي. نر جي چڪ واري جاءِ تي ٻار کي بيقرار ڪندڙ خارش ٿيندي آهي، ٻار خارش جي بيقراريءَ ڪري ننڊ نه ڪري سگهندو آهي، ٻارن کي سڌو سمهاربو آهي ته اٿلي اونڌا ٿي پوندا آهن، ڪيترا ٻار ته پنهنجي ويهڪ جي جاءِ ۾ آڱريون ڦيريندا رهندا آهن، يا ويهڪ جي جاءِ کي کنهي پٽيندا رهندا آهن، (هيءَ سيڪن جي هجڻ جي پختي ۽ مضبوط علامت آهي.) وڏا ٻار ته سيڪين کان ٿيندڙ خارش جو ٻڌائي سگهندا آهن يا وري معصوم ٻارن جي سمهڻ وقت لوڇ، پوڇ يا ويهڪ جي جاءِ کي کنهڻ مان به سمجهي وٺبو آهي ته ٻارن کي سيڪيون آهن. ٿڃ پياڪ ٻار ته رات ڏينهن خارش کان بيزار ٿي روئيندا، رڙيون ۽ چيٽون ڪندا آهن. ڪي مائٽ ٻارن جي اهڙي بيزاري ۽ بيقراريءَ کي ٻار ۾ ڪن يا پيٽ جو اهنج سمجهي علاج ڪرائيندا آهن، جيڪو ۾ بيڪار ويندو آهي ۽ ٻار جي بيزاري ۽ بيقراري پنهنجيءَ جاءِ تي قائم رهندي آهي. سيڪين جي چڪ پائڻ ۽ خارش واري جاءِ/ٻار جي ويهڪ جي جاءِ (ڇپ) جي چوڌاري اندران توڙي ٻاهران ننڍڙيون ننڍڙيون ڳوڙهيون ٿي پونديون آهن، جنهن ڪري ٻار جي ويهڪ جي جاءِ چوڌاري ڳاڙهي ڏسڻ ۾ ايندي آهي، هر وقت ٻار بيقرار ۽ بيزار رهڻ ڪري سندس بک ختم ٿي ويندي آهي، سندس دل ڪچي ٿيندي آهي، ۽ کيس هر وقت اٻڙڪا، اوڪارا (اوڪرار) ايندا آهن، ٻار کي دست ۽ الٽيون ٿيندا آهن ۽ سندس ساهه ۾ بدبوءِ ٿي پوندي آهي، گهڻن ٻارن جي ته ننڊ به غائب ٿي ويندي آهي، بدن ۾ تيز بخار يا ڪڻس سدائين رهندي آهي. دائمي بيماري سبب تڪليف سبب هيٺيون بيماريون ٿي پونديون آهن.

  • (I) لُنڊي آنڊي جي سوڄ ۽ سور (Appendicitis): لُنڊو آنڊو (Appendix)، وڏي آنڊي جو حصو آهي ۽ هن قسم جا ڪيڙا (سيڪيون) لنڊي آنڊي ۾ وڏي آنڊي جي ويجهو هجڻ ڪري هتي پهچي لنڊي آنڊي جي مٿئين تهه کي پٽيندا آهن، جنهن ڪري لنڊي آنڊي ۾ سوڄ ۽ سور ٿي پوندو آهي. لنڊي آنڊي جي سوڄ ۽ سور جو علاج آپريشن کانسواءِ ٻيو ڪو به نه آهي.
  • (II) شرم گاهه جي سوڄ ۽ سور (Vaginitis): ننڍين ڇوڪرين (توڙي وڏين عورتن) جي ويهڪ جي جاءِ سندن شرم گاهه جي ويجهو هئڻ ڪري پيٽ جا هي ڪيڙا (سيڪيون) عورتاڻي عضوي ۾ پهچي سوڄ ۽ سور سان گڏ خارش ڪري وجهندا آهن، معصوم نياڻين (توڙي وڏين عورتن) جي پيٽ جي ڪيڙن (سيڪين) سميت پيٽ جي ڪيڙن مان پيدا ٿيندڙ سمورين تڪليفن جو پوري ڌيان سان علاج ڪرائڻ گهرجي.
  • (III) مثاني جون تڪليفون (Urinary Bladder Ailments): هي ڪيڙا (سيڪيون) جيڪو ٻارن لاءِ جيڪو وڏو مسئلو ڪري وجهندا آهن، اهو هي آهي ته هي ڪيڙا ٻار جي ويهڪ جي جاءِ کان نڪري ٻن طريقن سان ٻار جي مثاني تائين پهچندا آهن، هڪ رت جي ناڙين جي ذريعي ۽ ٻيو پيشاب جي ناليءَ (Urethra) ذريعي، جتي هي مثاني ۾ پهچي چرپر ڪندا رهندا آهن، اها چرپر ٻارن کي هنڌ ۾ پيشاب ڪرڻ (Bed wetting) جي بيماري جو هڪ اهم ڪارڻ آهي، ڪن حالتن ۾ هنن ڪيڙن جي گهڻي چرپر سبب ٻار پنهنجي پيشاب کي روڪي نه سگهندا آهن ۽ ڪپڙن ۾ ئي کانئن پيشاب وهي ويندو آهي.

جن ٻارن کي مثاني ۾ هن قسم جا ڪيڙا هوندا آهن، تن جي پيشاب ۾ به هن قسم جا ڪيڙا نڪرندا آهن، پيشاب ۾ نڪرندڙ ڪيڙا ٻار جي پيشاب جي ناليءَ جي مٿئين تهه ۾ چنبڙي پوندا آهن، جتي ٻار جي پيشاب جي ناليءَ ۾ سوڄ ۽ سور (Inflamation) ڪري وجهندا آهن،

گول ڪيڙا[سنواريو]

(Roundworms Ascaris Lumbricoides)

گول ڪيڙا شڪل شبيهه ۾ زمين ۾ رهندڙ ساپن جهڙا ٿيندا آهن، هن قسم جا ڪيڙا رنگ جا ڦڪا ٿيندا آهن، جڏهن ته ساپن جو رنگ ناسي يا مٽيءَ جي رنگ جهڙو ٿئي ٿو. هي ڪيڙا به جنسي ۽ نسلي خاصيت ۾ نر ۽ ماد ٿين ٿا، مادي نر کان ڊگهي ٿئي ٿي، نر جي ڊيگهه 15 کان 20 سينٽي ميٽر ٿئي ٿي، جڏهن ته ماديءَ جي ڊيگهه 30 کان 40 سينٽي ميٽرن تائين يا ان کان وڌيڪ ٿئي ٿي، باقي ٿولهه ۾ ٻئي جنسون 3 کان 5 سينٽي ميٽرن تائين ٿين، هن قسم جي پيٽ جا ڪيڙا ننڍي آنڊي (Small Intistine) ۾ ٿين ٿا، پر ڪڏهن ڪڏهن هي ڪيڙا مٿي معدي ۽ هيٺ ويهڪ جي جاءِ (ڇپ) ڏي به هليا ويندا آهن، جيڪي ٻارن جي ڪاڪوس وسيلي نيڪال به ٿيندا آهن. هن قسم جي ڪيڙن جو لاروا (Larva) بيدي مان نڪرڻ کان پوءِ ڏاڍو هاڃيڪار ٿئي ٿو، لاروا بيدي مان نڪرڻ کان پوءِ ننڍي آنڊي جي مٿاڇري واري نرم تهه واري بلغمي جهلي (Mucus Membrane) ٽڪي سوراخ ڪري رت جي ناڙين ۾ هليو ويندو آهي، رت جي ناڙين ذريعي هي لاروا ٻار جي گهڻن مختار (وڏن) عضون (Viscerans) ۾ پهچي اتي طرح طرح جون بيماريون پيدا ڪري وجهي ٿو. جڏهن هي لاروا ڦڦڙن ۾ پهچي ٿو ته ساهه وارين ٿيلهين ۽ نلين ۾ سوڄ ۽ سور ڪري وجهي ٿو، جنهنڪري ٻارن توڙي وڏن کي ساهه ۾ تنگي ٿي پوي ٿي، جڏهن هي لاروا کاڌي وارين نلين ۽ جهلين ۾ پهچي ٿو ته نڙيءَ ۽ نڙگهٽ جون ڪيتريون بيماريون ڪري وجهي ٿو، جن ۾ ڪلين ۾ سور ۽ سوڄ، نڙيءَ ۾ خارش، نڙگهٽ ۾ سور، سوڄ ۽ آواز ويهي وڃڻ وغيره اچي وڃن ٿا، جڏهن هي لاروا دماغ ۾ پهچي ٿو ته ٻارن توڙي وڏن ماڻهن کي دماغي دورا، مرگهي ۽ جسم ۾ جهٽڪن ۽ ڏڪڻيءَ جي بيماري جو سبب بڻجي ٿو. ان کانسواءِ هن ڪيڙي جو لاروا جڏهن جيري ۾ پهچي ٿو ته جيري جي فعل ۾ رخنو وجهي ٿو، جنهنڪري رت جي ٺهڻ جو عمل ڊانوا ڊول ٿي وڃي ٿو، ان ڪري ٻارن توڙي وڏن جي رت جي ٺهڻ جو عمل بيهي وڃي ٿو، نتيجي ۾ رت جي گهٽتائي (Anaemia) جي بيماري ٿي پوي ٿي. هن ڪيڙي جو لاروا جڏهن مُک عضون ۾ پهچي ٿو ته اتي هي مٿيون بيماريون پيدا ڪرڻ کانسواءِ ٻن يا ٽن مهينن اندر واڌ ويجهه ڪري بالغ ٿئي ٿو. هن ڪيڙي جون ٻه خاص علامتون (نشانيون) آهن، جن جي آڌار تي ليبارٽري ٽيسٽ کانسواءِ اسان کي هن قسم جي ڪيڙي جي خبر پئجي سگهي ٿي ته ٻار کي پيٽ ۾ گول قسم جا ڪيڙا آهن، جيڪي ٻئي علامتون ٻارن جا مائٽ خاص ڪري ماءُ، ڊاڪٽر جي پڇڻ تي يا هونئن به ٻڌائيندي، هڪ ته ٻار ننڊ ۾ ڏند ڪرٽيندو آهي، ڪي ٻار هڪ ئي وقت ڳيتون به ڏيندا آهن ۽ ڏند به ڪرٽيندا آهن. ڳيتون ڏيڻ جو سبب اهو هوندو آهي ته هن قسم جا ڪيڙا ڪڏهن ڪڏهن ننڍي آنڊي مان نڪري معدي ۾ پهچي ويندا آهن، جتان کاڌي جي نليءَ (Esophagus) وسيلي ٻاهر وات مان نڪرڻ لاءِ مٿي وات ڏي چڙهندا آهن ته کاڌي جي نالي (نليءَ) ۾ سرڪو ۽ چرپر ٿيندي آهي، جنهن سرڪي ۽ چرپر کي ختم ڪرڻ لاءِ ٻار قدرتي طرح ننڊ ۾ ڳيتون ڏيندا آهن، اهڙيون ڳيتون ٻار جاڳندي به ڏيندا آهن، پر اهي ڳيتون مائٽن کي به محسوس نه ٿينديون آهن ۽ خود ٻار جو ڌيان به اهڙي سرڪي ۽ چرپر ڏي گهٽ ويندو آهي، ان ڪري ٻار جي ڳيتن جو عمل لکائبو ڪونهي. ڏٺواهو ويو آهي ته گهڻو ڪري ٻار ڳيتون ڏيئي ڪيڙن کي نڙيءَ مان هيٺ لاهيندو آهي، جيڪڏهن ڳيتن باوجود ڪيڙا نڙيءَ کان هيٺ لاهي نه سگهيو ته ٻار کي الٽي ايندي، جنهن ۾ هي ڪيڙو ٻار جي وات مان نڪري ويندو آهي، الٽي ڪرڻ جو ٻيو به وڏو سبب اهو هوندو آهي ته نڙيءَ ۾ چرپر دوران هي ڪيڙو پنهنجي جسم مان اهڙو ڪيميڪل خارج ڪندو آهي جيڪو هڪ ته ذائقي ۾ تيزابي (۽ ترش) هئڻ سان گڏ بدبودار هوندو آهي. جو ٻار سهي نه سگهندو آهي ۽ الٽي ڪندو آهي. ڏندن ڪرٽڻ جو سبب اهو هوندو آهي ته هي ڪيڙا جڏهن معدي کان مٿي چڙهي کاڌي جي نليءَ ۾ پهچندا آهن ته به اتان وات ڏي ٻاهر نڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهن، انهيءَ ڪوشش دوران هي ڪيڙو پنهنجي جسم مان هڪ خاص قسم جو ڪيميڪل ٻاهر ڪڍندو آهي، جيڪو ذائقي ۾ لوڻاٽيل ۽ ترش (Acid) هوندو آهي، جڏهن اهو ڪيميڪل ٻار جي ڏندن کي لڳندو آهي ته ٻار جا ڏند کٽا ٽڙهه ٿي پوندا آهن ۽ لوڻاٽجي ويندا آهن. نتيجي طورٻار انهيءَ کٽاڻ ۽ لوڻاٺي ذائقي کي لاهڻ لاءِ قدرتي طرح پنهنجا ڏند هڪ ٻئي سان گسائيندو آهي ته ڏندن مان ڪرٽي جو آواز نڪرندو آهي، جنهن کي ”ڏند ڪرٽڻ“ سڏبو آهي. سنڌي سماج (ٻهراڙي توڙي شهر) ۾ ٻار جي ڏندن ڪرٽڻ جي عمل کي ڏاڏاڻن خاص طور پيءُ لاءِ سٺو سنوڻ سمجهيو ويندو آهي، پر نياڻي ٻار جي ڏندن ڪرٽڻ کي ناناڻن خاص طور ماماڻن لاءِ سٺو سنوڻ نه سمجهيو ويندو آهي، ماءُ ويچاريءَ لاءِ ويل ٿي ويندو آهي، ۽ سمجھندي آهي ناناڻن کي نقصان ضرور پهچندو. ان ڪري ماءُ ارهي ۽ پريشان هوندي آهي. کوڙ مائرون نياڻين کي ڏند ڪرٽڻ تي دڙڪا ۽ دهمان ڏينديون آهن ۽ وڏين نياڻين کي مار به ڪڍنديون آهن. هن قسم جا ڪيڙا ٻارن ۾ گدلي پاڻي پيئڻ، ناقص خوراڪ کائڻ، گدلاڻ ۾ رهڻ ۽ مٽي کائڻ ڪري ٿين ٿا يا يا وري ٿَڃ پياڪ ٻارن کي ٿين ٿا، جن جون مائرون کٽاڻ، آچار ۽ ميٽ کائين ٿيون، هن قسم جا ڪيڙا جڏهن به ٻارن کي ٿيندا آهن ته سندن بک ختم ٿي ويندي آهي ۽ ڪڏهن ٻارن کي بدهاضمو، ڪڏهن قبضي ۽ ڪڏهن دست، ڪڏهن الٽيون ۽ ڪڏهن پيٽ ۾ سور ٿي پوندو آهي.نتيجي طور ٻار ڪڏهن ملول ته ڪڏهن چيڙاڪ هوندو آهي، ڪيترنٻارن جو پيٽ وڌي دهل وانگي وانگر ۽ ٽنگون سنهيون ٿي پونديون آهن. جيڪا ڪنگيءَ (Marasmus) جي بيماري سڏبي آهي. ياد رهي ته هي ڪيڙو ننڍي آنڊي مان روزانو ٻار جي پروٽين مان 0.1 گرام کائي وڃي ٿـو.

چپٿرا / پٽي وارا ڪيڙا[سنواريو]

(Tapeworms/ Teenias)

هن قسم جا ڪيڙا اڇي رنگ جا ٿين ٿا، هنن ڪيڙن جي جسامت ۽ شڪل شبيهه ۾ ڏاڍي ڊيڄاريندڙ ٿيندي آهي، هن ڪيڙي کي مٿو، سنهي ڳچي ۽ منهن وٽ چار ڊگهيون ناڙيون (نسترن وانگي) ٿين ٿيون، جيڪي ٻار جو رت چوسينديون آهن، ان ڪري هن قسم جي ڪيڙن کي رت چوسيندڙ (Blood Sucker) به چئبو آهي، هي ڪيڙا جنسي ۽ نسلي خاصيت جي حساب سان نر ۽ ماد ٿين ٿا، ڊيگهه ۾ هي 2 کان 8 ملي ميٽرن جا ٿين ٿا. ٻين ڪيڙن جي مادين وانگي هن ڪيڙي جي مادي به نر کان وڏي ٿئي ٿي. هنن ڪيڙن جا لڳ ڀڳ ڇهه ٻيا به قسم ٿين ٿا: (1) Taenia Solium, (2) Taenia Saginata, (3) Taenia Armata, (4)Taenia Cucumino, (5) Hymenolepisnana, (6) Diphyllobothin latum. يورپ، برطانيا ۽ آمريڪا ۾ هن قسم جا ڪيڙا ڳائي ۽ سوئر (Pork) جي گوشت کائڻ سبب ٻارن توڙي وڏن ماڻهن ۾ ٿيندا آهن، جڏهن ته پاڪستان سميت دنيا جي ٻين ملڪن ۾ ڳائي گوشت ۽ مڇيءَ جي گوشت ۾ هنن ڪيڙن جا بيدا، پيوپا ۽ لاروا ٿين ٿا، جنهن جا ٻه سبب آهن، پاروٿو ڳائو گوشت ۽ پاروٿي مڇي، جنهن ۾ ڪيڙن پنهنجا بيدا لاهين ٿا. هي ڪيڙو قدرتي طرح پاروٿي ڳائي گوشت ۽ پاروٿي مڇيءَ ۾ يا اهڙي ڳائي مال جي گوشت ۾ ٿيندو آهي، جيڪو تلائن جو بيٺل پاڻي پيئندو آهي، جنهن پاڻيءَ ۾ انيڪ قسم جا جيوڙا هوندا آهن. ان پاڻيءَ ۾ هن قسم جو به جيوڙو هوندو آهي، جيڪو پلجي ئي ڳائي مال جي رت تي ٿو. ائين گندن تلائن ۾ رهندڙ مڇيءَ ۾ مختلف قسمن جا جيوڙا ٿيندا آهن ۽ هن قسم جو جيوڙو مڇيءَ جي پيٽ ۾ هليو ويو وڃي ۽ بيدن مان ڪجهه پيوپا ۽ ڪجهه لاروا هجن ته اڌ رڌي ڳائي گوشت ۽ اڌ رڌي مڇيءَ مان ختم نه ٿيڻ جي صورت ۾ اهڙي گوشت ۽ مڇي کائڻ ڪري هنن ڪيڙن جا بيدا، پيوپا ۽ لاروا ٻار جي پيٽ ۾ پهچن ٿا، جيڪي آنڊن ۾ ٻن کان ٽن مهينن تائين رهي جوان ٿين ٿا. هنن ڪيڙن جي ڪري هاضمي جي خرابي ٿئي ٿي، ڪن ٻارن کي بک نه لڳندي آهي، ته ڪن ٻارن کي وري ڇتي بک لڳندي آهي، ۽ اهڙو ٻار هر وقت کائيندو رهندو آهي ۽ سندس پيٽ نه ڀربو آهي، گهڻي کائڻ جي باوجود ٻار ساڳائيندو ڪونهي ۽ ملول لڳو پيو هوندو آهي، ان کانسواءِ ٻار کي ڪڏهن پيٽ ۾ سور ته ڪڏهن دست هوندا آهن، جيڪڏهن هن قسم جو ڪيڙو ٻار جي پيٽ کان نڪري رت جي ناڙين ذريعي دماغ ۾ پهچندو آهي ته دماغ ۾ ٻن قسمن جو خلل ڪري وجهندو آهي:

  • (i) دماغي دورا (جھٽڪا) پون ٿا،
  • (ii) ٻار جون اکيون ٻاڏيون/ ٿرڙيون (Strabismus).

ڪنڊيدار ڪيڙا[سنواريو]

(Hookworms Ankylostomaduodenale)

هي ڪيڙا ٻار جي پيٽ ۾ پيرن جي چمڙيءَ جي وسيلي ان وقت داخل ٿيندا آهن، جڏهن ٻار پيرين اگهاڙو گهمندو آهي، هي ڪيڙا به پنهنجي جنسي ۽ نسلي خاصيت جي ڪري نر ۽ ماد ٿين ٿا، مادي نر کان ڊگهي ٿئي، ماديءَ جي ڊيگهه 12 کان 18 ملي ميٽر ٿئي ٿي، جڏهن ته نر جي ڊيگهه 8 کان 10 ملي ميٽر ٿئي ٿي. هن ڪيڙي جي ٿولهه ڪا گهڻي نه ٿي ٿئي، وڌ ۾ وڌ 0.5 کان 1 ملي ميٽر ٿئي ٿي. جڏهن هن جو لاروا پيرن جي چمڙيءَ تي چڙهي ٿو ته چمڙيءَ ۾ سوراخ ڪري ٿو ۽ اتان ننڍي آنڊي (Small Intestine) ۾ پهچي ٿو. جتان ڪڏهن ڪڏهن ننڍي آنڊي کي سوراخ ڪري رت جي ناڙين ذريعي دل ۽ ڦڦڙن ۾ پهچي ٿو، هن ڪيڙي کي مائڪرو اسڪوپ (خوردبينيءَ) سان ڏسبو ته هن جو منهن ڪنڊي وانگي ڏسڻ ۾ ايندو، جنهن مان هي ٻه ڪم وٺي ٿو، هڪ چيرڦاڙ جو، ٻيو رت پيئڻ جو، هن ڪيڙي جي منهن وارو حصو سندس جسم کان وڌيڪ سخت ۽ ڦڙت ٿئي ٿو. هي ڪيڙا جڏهن به ٻار جي ننڍي آنڊي ۾ هوندا آهن ته ڪثرت سان رت پيئندا رهندا آهن، جنهنڪري ٻار کي رت جي گهٽتائيءَ (Anemia) جي بيماري ٿي پوندي آهي، جيڪي اڳي ئي رت جي گهٽتائي جي بيماريءَ ۾ وڪوڙيل هوندا آهن، سي ويتر ڪمزور ٿي ويندا آهن، سندن منهن ڦڪو/ پيلو، منهن تي آموس ۽ پيرن تي ٿوٿر هوندي آهي، جڏهن هي ڪيڙا دل يا ڦڦڙن ۾ پنهنجو ديرو ڄمائيندا آهن ته ٻار کي ساهه ۾ تنگي، دل جو دهڪو ۽ بدن ۾ ساڻائي ۽ ڪمزوري ڪري وجهندا آهن، دل ۽ ڦڦڙن جو رت پيئندا آهن. هن قسم جي ڪيڙن جي گهڻائي اهڙن ٻارن کي ٿئي ٿي، جيڪي غريب ۽ پوئتي پيل علائقن خاص ڪري انهيءَ هنڌ رهن ٿا، جتي ماڻهو ڳتيل آبادين، ڪچين جاين، جهوپڙين، گدلين جاين، وڏن نالن ۽ بيٺل پاڻيءَ جي تلائن ويجهو رهن ها، اهڙن علائقن جا ٻار ۽ مائٽ پنهنجي ٻارن جي صفائي ۽ سٿرائيءَ جو خيال نه ٿا رکن ۽ ٻار گهڻو ڪري پير ۽ پٺا اگهاڙا ڪري گهمندا رهن ٿا ۽ سمهڻ وقت اگهاڙن پيرن کي ڌوئي نه سمهندا آهن.

پيٽ جي ڪيڙن کان بچڻ لاءِ اڳواٽ اپاءَ[سنواريو]

 (Preventive Measures) 
  • (i) ٻارن کي مٺيون شيون، ڪيڪ، پيسٽريون، ٽافيون، ميدي مان ٺهيل شيون، اڻ پڪل ۽ ترش فروٽ ۽ ڪچيون (اڌ رڌل) ڀاڄيون نه کارائجن، اهڙين شين کارائڻ سان ٻار جي پيٽ ۾ خميرو ٺهي ٿو، جيڪو ٻار جي پيٽ ۾ سيڪين (سموڪوئن) ٺهڻ جو سبب بڻجي ٿو، ٿڃ پياڪ ٻار جي ماءُ کي پڻ هي شيون کائڻ نه کپن.
  • (ii) ٻارن کي هر ڪنهن قسم جو گوشت خاص ڪري ڳائو گوشت، مڇي يا اڌ رڌي ڀاڄي نه کارائجي نه ته کيس پٽي وارا (چپٿرا) (Tapeworms) ڪينئان ٿي پوندا، اهڙيون ساڳيون شيون ٿڃ پياڪ ٻار جي ماءُ کي به نه کائڻ گهرجن نه ته سندس ٻار کي چپٿرا (پٽي وارا) پيٽ جا ڪيڙا ٿي پوندا.
  • (iii) ننڍن ۽ ريڙهيون پائيندڙ ٻارن کي، مٽي، پٿريون ۽ ڀتين جا چاپڙ کائڻ نه ڏجن، ٿڃ پياڪ ٻار جي ماءُ کي کٽيون شيون، آچار ۽ ميٽ کائڻ نه کپي، ٻار کي گدلو اڻ ڇاڻيل پاڻي، پاروٿو، اڻ ڍڪيل کير، اڻ ڇاڻيل ۽ اڻ ڪڙهيل کير نه پيارجي، ٻار کي کاڌو صاف سٿرو، پورو پنو ۽ رڌل کارائجي، اڻ ڍڪيل، بچيل کاڌو نه کارائجي نه ته ٻار کي گول قسم جا ڪيڙا (Round worms) ٿي سگهن ٿا.
  • (iv) گهڻن ٻارن جي عادت ٿئي ٿي ته اهي پنهنجون آڱريون وات ۾ وجهندا آهن يا ڏندن سان پنهنجا ننهن ڪتريندا (ٽڪيندا) آهن، اها مائرن جي به عادت ٿيندي آهي ته ٿڃ ڌارائڻ وقت پنهنجي هٿن جا ننهن وات ۾ ڪترينديون رهنديون آهن. اهڙي عادت کان ٻارن ۽ ٿڃ پياڪ ٻارن جي مائرن کي پاسو ڪرڻ گهرجي.
  • (v) ٻنهي صورتن ۾ ٻار کي پيٽ ۾ ڪيڙا هجن يا نه هجن، کاڌي کارائڻ کان اڳ ۽ پوءِ ٻار جا هٿ ڌورائجن، جيڪڏهن ٻار ننڍو آهي ۽ پاڻ کاڌو کائي نه ٿو سگهي ته ان کي ڪو نه ڪو گهر جو ڀاتي کاڌو کارائي ٿو ته ٻار کي کاڌو کارائڻ وارو پنهنجا هٿ چڱي طرح ڌوئي.
  • (vi) ننڍڙو ٻار جڏهن به ڪاڪوس ۾ وڃي ۽ طهارت ڪرڻ کان پوءِ سندس هٿ ماءُ يا ڪو ٻيو گهر جو ڀاتي صابڻ سان ڌورائي، جيڪڏهن ٻار وڏو آهي ته پاڻ پنهنجا هٿ صابڻ سان ڌوئي، هر ڪاڪوس ڪرڻ کان پوءِ ٻار کي هٿ ڌوئڻ جي عادت وجهڻ گهرجي.
  • (vii) جن ٻارن کي پيٽ ۾ ڪيڙا هجن، تن جو هٿن ڌوئڻ ۽ وهنجڻ جا ٽوال ٻين ٻارن کان جدا ڪجن.
  • (viii) جنهن به ٻار کي پيٽ ۾ ڪيڙا هجن ته ان کي ٻين صحتمند ٻارن سان گڏ نه سمهارجي نه ئي ان سان کين صحتمند ٻارن جي هنڌ تي سمهارجي.
  • (ix) جنهن به ٻار کي پيٽ ۾ ڪيڙا هجن ته ان جي اوبر پاڻي يا ماني ٻئي صحتمند ٻار کي نه پيارجي ۽ نه کارائجي، نه ئي ڪنهن صحتمند ٻار کي پيٽ جي ڪيڙن واري مريض جي ٿانو ۾ پاڻي پيارجي، نه ئي ان سان گڏ ماني کارائجي.
  • (x) جنهن به ٻار جي پيٽ ۾ ڪيڙا هجن، ان جي هٿن يا پيرن جا ننهن وڌڻ نه ڏجن ۽ سندن ننهن جلدي ڪٽي ڇڏجن.[1]

حوالو[سنواريو]

حوالا[سنواريو]

  1. ڪتاب: انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد ٽيون، ڇپيندڙ: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي (ISBN: 978-969-9098-40-6) سال: 2011