پينوس
| پينوس | |
|---|---|
| سائنسي درجا بندي | |
| Unrecognized taxon (fix): | سائٽرس |
| جنس: | Template:Taxonomy/سائٽرس{. ميگزيما |
| حياتياتي نالو | |
| سائٽرس ميگزيما ايلمر ڊريو ميرل | |
Flesh of a pomelo | |
| غذائي مقدار في 100 g (3.5 oz) | |
|---|---|
| توانائي | 159 kJ (38 kcal) |
9.62 g | |
| خوراڪ وارو فائبر | 1 g |
0.04 g | |
0.76 g | |
| وٽامن | مقدار روزاني ضرورت جو ٪† |
| ٿيامن (B1 ) | 3% 0.034 mg |
| ربوفليون (B2 ) | 2% 0.027 mg |
| نياسن (B3 ) | 1% 0.22 mg |
| وٽامن بي6 | 3% 0.036 mg |
| وٽامن سي | 73% 61 mg |
| معدنيات | مقدار %DV† |
| فولاد | 1% 0.11 mg |
| ميگنيشيم | 2% 6 mg |
| ميگنيز | 1% 0.017 mg |
| فاسفورس | 2% 17 mg |
| پوٽيشيم | 5% 216 mg |
| سوڊيم | 0% 1 mg |
| جست | 1% 0.08 mg |
| †سيڪڙو بالغن لاءِ آمريڪي سفارشن جي بنياد تي اندازي طور ڏنا ويا آهن،[1] سواءِ پوٽاشيم جي، جنهن جو اندازو نيشنل اڪيڊميز جي ماهراڻي سفارش جي بنياد تي لڳايو ويو آهي.[2] | |
پپنوس (انگريزي: Pomelo؛ اردو: چڪوتره) ھڪ ميوو آھي جيڪو نارنگيءَ ۽ ليمي جي ذات مان آهي. هن کي انگريزيءَ ۾ پميلو چون ٿا ۽ هندي هن کي بٽاوي نيبو ۽ چڪوترا به سڏيندا آهن. هي پاڪستان ۽ هندستان جي گهڻن ڀاڱن ۾ ٿئي ٿو. هن جا مکيه ٻه قسم لکيا اٿن. هن جي ڳر يا ڳر جا داڻا رنگ جا ڳاڙها يا ڦڪا واڱڻائي ٿيندا آهن. مٺا به آهن پر ٿوري موافق کٽاڻ به منجهن رهندي آهي. قد جا تمام وڏا ٿيندا آهن، کل زردي رنگ جي ۽ تمام ٿلها ٿيندا اٿن. خوشبوءِ به چڱي ڪندا آهن.[3]
پپنوس جي پوکڻ جي ريت سولي آهي. هڪڙي گول کڏ کڻو، جا ٽي فٽ اونهي ۽ ٽي فٽ ويڪري هجي. انهيءَ کي هڪ جيتري ڳائي ڀاڻ ۽ پراڻي چن، يا گچ جي ڪچري ۽ باغ جي مٽيءَ سان ڀريو. پوءِ منجهس وڻ رکو. جڏهن مارچ جي مهيني ۾ ڦر ڪرڻ لڳي، تڏهن ٻه ٽي مهينا پاڻي ساندهه ججهو ڏيڻ گهرجيس. جنوريءَ ۾ مٽي کوٽي، پاڙن کي کولي، وري سڻڀي ۽ تازي مٽي ڏجيس. پاڙن ۾ ٿوري لوڻ وجهڻ مان فائدو ٿو ٿئي، جو ميوو نرم به ٿئي ٿو ۽ منجهس رس به گهڻي ٿئي ٿي. هي وڻ اڪثر گوٽيءَ سان يا ڪونڊين ۾، اکين هڻڻ سان ڪندو آهي. فيبروريءَ ۾ ٻج پوکبو ته به ٿيندو، مگر ڦر دير سان ڪندو. فيبروريءَ ۽ مارچ ۾ ليمي جي وڻ تي پيوند ڪرڻ سان به ٿيندو آهي. فيبروريءَ ۾ گل ڪري ٿو، جن ۾ چڱي باس ٿيندي آهي. جڏهن ميوا وڻ ۾ لڙڪي بيهندا آهن، تڏهن وڻ ڏاڍو سهڻو لڳندو آهي. ميون جي ڳرائيءَ ڪري انهن کي ڪاٺين جون ٽيڪون ڏئي بيهاريندا آهن.[3]
حوالا
[سنواريو]- ↑ United States Food and Drug Administration (2024). "Daily Value on the Nutrition and Supplement Facts Labels". FDA. محفوظ ڪيل مان اصل نسخي کان 2024-03-27 تي محفوظ ڪيل. 2024-03-28 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "TABLE 4-7 Comparison of Potassium Adequate Intakes Established in This Report to Potassium Adequate Intakes Established in the 2005 DRI Report". ص. 120. هن ۾: Stallings, Virginia A.; Harrison, Meghan; Oria, Maria, مرتب (2019). "Potassium: Dietary Reference Intakes for Adequacy". Dietary Reference Intakes for Sodium and Potassium. ص. 101–124. doi:10.17226/25353. ISBN 978-0-309-48834-1. PMID 30844154. سانچو:NCBIBook.
- 1 2 ڪتاب: باغ ۽ باغباني؛ ليکڪ: مرزا قليچ بيگ؛ ايڊيشن: 1960ع؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو.