پينوس

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

پينوس
سائنسي درجا بندي e
Unrecognized taxon (fix): سائٽرس
جنس: Template:Taxonomy/سائٽرس{. ميگزيما
حياتياتي نالو
سائٽرس ميگزيما
ايلمر ڊريو ميرل
پينوس، ڪچو

Flesh of a pomelo
Nutritional value per 100 g (3.5 oz)
توانائي 159 kJ (38 kcal)
9.62 g
خوراڪ وارو فائبر 1 g
0.04 g
0.76 g
وٽامن Quantity
%DV
[[ٿيامن | (B1)]]
3%
0.034 mg
[[Riboflavin|Riboflavin (B2)]]
2%
0.027 mg
[[Niacin|Niacin (B3)]]
1%
0.22 mg
Vitamin B6
3%
0.036 mg
Vitamin C
73%
61 mg
معدنيات Quantity
%DV
فولاد
1%
0.11 mg
ميگنيشيم
2%
6 mg
ميگنيز
1%
0.017 mg
فاسفورس
2%
17 mg
پوٽيشيم
5%
216 mg
سوڊيم
0%
1 mg
جست
1%
0.08 mg

Percentages are roughly approximated using US recommendations for adults.
Source: USDA Nutrient Database


پپنوس (انگريزي: Pomelo ) اردو ۾ چڪوترو ھڪ ميوو آھي جيڪو نارنگيءَ ۽ ليمي جي ذات مان آهي. هن کي انگريزيءَ ۾ پميلو چون ٿا ۽ هندستاني هن کي بٽاوي نيبو ۽ چڪوترا به سڏيندا آهن. هي هندستان جي گهڻن ڀاڱن ۾ ٿئي ٿو. هن جا مکيه ٻه قسم لکيا اٿن. هن جي ڳر يا ڳر جا داڻا رنگ جا ڳاڙها يا ڦڪا واڱڻائي ٿيندا آهن. مٺا به آهن پر ٿوري موافق کٽاڻ به منجهن رهندي آهي. قد جا تمام وڏا ٿيندا آهن، کل زردي رنگ جي ۽ تمام ٿلهي ٿيندي اٿن. خوشبوءِ به چڱي ڪندا آهن.[1]

پپنوس جي پوکڻ جي ريت سولي آهي. هڪڙي گول کڏ کڻو، جا ٽي فوٽ اونهي ۽ ٽي فوٽ ويڪري هجي. انهيءَ کي هڪ جيتري ڳائي ڀاڻ ۽ پراڻي چن، يا گچ جي ڪچري ۽ باغ جي مٽيءَ سان ڀريو. پوءِ منجهس وڻ رکو. جڏهن مارچ جي مهيني ۾ ڦر ڪرڻ لڳي، تڏهن ٻه ٽي مهينا پاڻي ساندهه ججهو ڏيڻ گهرجيس. جنوريءَ ۾ مٽي کوٽي، پاڙن کي کولي، وري سڻڀي ۽ تازي مٽي ڏجيس. پاڙن ۾ ٿوري لوڻ وجهڻ مان فائدو ٿو ٿئي، جو ميوو نرم به ٿئي ٿو ۽ منجهس رس به گهڻي ٿئي ٿي. هي وڻ اڪثر گوٽيءَ سان يا ڪونڊين ۾، اکين هڻڻ سان ڪندو آهي. فيبروريءَ ۾ ٻج پوکبو ته به ٿيندو، مگر ڦر دير سان ڪندو. فيبروريءَ ۽ مارچ ۾ ليمي جي وڻ تي پيوند ڪرڻ سان به ٿيندو آهي. فيبروريءَ ۾ گل ڪري ٿو، جن ۾ چڱي باس ٿيندي آهي. جڏهن ميوا وڻ ۾ لڙڪي بيهندا آهن، تڏهن وڻ ڏاڍو سهڻو لڳندو آهي. ميون جي ڳرائيءَ ڪري انهن کي ڪاٺين جون ٽيڪون ڏئي بيهاريندا آهن.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. 1.0 1.1 ڪتاب: باغ ۽ باغباني؛ ليکڪ: مرزا قليچ بيگ؛ايڊيشن:1960؛پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو