پيمائش

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

پيمائش: ماپ: ميژرمينٽ: Measurements:

ڪنھن بہ جسم جي جسامت، نوعيت يا قسم ۽ بناوٽ کي ڪنھن پيماني يا اسڪيل جي مدد سان ماپڻ کي پيمائش چئبو آهي. ڪو به ڪيميائي عمل يا رد عمل پيدا ڪندڙ شيون ۽ حاصل ڪيل شين products جا مقدار ڪيڏا به ننڍڙا ڇونہ ھجن انھن جي پيمائش جو بلڪل درست ھجڻ ضروري آهي. ڪنھن بہ ڪيميائي عمل جي عرصي کي گھڙيءَ جي مدد سان ٺيڪ ٺيڪ ماپڻ وقت جي پيمائش سڏبو آهي. پيمائش جي اظھار لاءِ ھميشہ پيمائشي ايڪن جي ضرورت پوندي آهي ڇوتہ پيمائش عددن سان ظاھر ٿيندي آھي ۽ جيستائين انھن عددن سان مقدار معلوم ڪرڻ وارو ايڪو شامل نه ڪبو تيستائين پيمائش کي ظاھر نہ ڪري سگھبو.اھڙي طرح پيمائش بنيادي ايڪن سان ظاهر ٿيندي`ھي.


بنيادي ايڪا[سنواريو]

مادي جي مقدار، وسعت ۽ وقت جا ايڪا پيمائش جا بنيادي ايڪا سڏبا آهن. ڪوبہ جسم، واقعو ۽ تجربو انھن ٽن بنيادي ايڪن ( يعني مقدار، وسعت۽ وقت) کانسواءِ بيان نہ ٿو ڪري سگھجي ايڪن يا يونٽن جي بين الاقوامي نظام يا سسٽم مطابق بنيادي ايڪن جو تعداد وڌائي ھاڻي ست ڪيو ويو آهي.

  1. ڊيگھ جو يونٽ:ميٽر:(m).
  2. وزن جو يونٽ: ڪلوگرام:(Kg).
  3. گرميءَ جو درجو: ڪيلون: (K).
  4. وقت: سيڪنڊ:(S).
  5. مقدار : مول:(Mol).
  6. بجليءَ جو وھڪرو:ايمپيئر:(A)
  7. روشنيءَ جي شدت: ڪينڊيلا:(Cal)

ڏھائي يا ڊيسيمل سسٽم وارا ايڪا[سنواريو]

نڪتل ايڪا__Derived Units[سنواريو]