پيشو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
اسٽرڪچرل انجنيئر مريخ تي موڪلجندڙ خلائي جھاز فونڪس کي ٺاھيندي

پيشو: پروفيشن: Profession: صنعتي انقلاب بعد ڪم جي پيچيده ورھاست پيداوار جي لاءِ لازمي ٿي وئي جنھن جو بنيادي شرط ڪم ۾ خاص مھارت آهي.ماضي م پيداوار جا مرحلا ۽ ذريعا سادہ ھيا ۽ ڪنھن بہ شئي جي پيداوار ۾ مھارت جي تقسيم جي ضرورت نہ ھئي پر ٽيڪنالاجي سان پيداوار جي مقدار م تڪڙي اضافي جي ڪري پيداوار جي مرحلن ء ذريعن کي اھڙو تہ پيچيده ڪري ڇڏيو جو ھاڻي مھارت ڪنھن ھڪ جي وس جي ڳالھ نہ رھي پر اھا تقسيم ٿي وئي آھي. ان جي ھر شعبي ء مرحلي ۾ مختلف مخصوص مھارتن جي ضرورت ھوندي آھي. سڀ سرگرميون ڪنھن ھڪ يا ٻن ماھرن جي وس جي ڳالھ ناھي رھي. پيشي جو مطلب اھڙيون خدمتون آھن جن کي سرانجام ڏيڻ لاءِ ھڪ مخصوص علم ۽ تربيت جي ضرورت ھوندي آھي. پيشي ۾ تدريس، طب، حساب ڪتاب،وڪالت، انجنيئرنگ وغيره شامل آهن.پيشي سان ڪاروبار ۽ تجارت ۾ سھولتون پيدا ڪرڻ لاءِ خدمتون ڏنيون وينديون آهن.

ڊاڪٽري بہ ھڪ پيشو آهي