پيزا ٽاور

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ٽاور جو جھڪاءُ

پيزا ٽاور ڪي کيس پيسا ٽاور به سڏين اهو اٽلي (Italy) جي رياست تُسڪيني (Tuscany) جي صوبي پيزا (Pisa) ۾ واقع آهي. هي وچئين دؤر ۾ تعمير ٿيل شاهي گهنڊ وارو ٽاور دنيا جي عجوبن مان هڪ آهي، جنهن جي بناوت به حيران ڪندڙ آهي. هي ٽاور هتان جي جڳ مشهور عمارتن ڊُومو بيپٽسٽري جي ڀر واري سبز ميدان تي اڏيل آهي. جنهن سبز ميدان کي ڪيمپوڊي مائريڪولي (Campo dei Miracoli) يعني ڪرشمن وارو ميدان سڏيندا آهن. هن علائقي ۾ اڪثر عمارتون پيزا شهر جي عروج واري دؤر (جنهن کي مقامي طور سنهري دور سڏيندا آهن) ۾ تعمير ٿيل آهن. پيزا جي تاريخ موجب اهو دؤر ٻارهين ۽ تيرهين عيسويءَ صدين تي مشتمل هو. انهيءَ دؤر ۾ پيزا شهر هڪ بندر جي حيثيت ۾ رومي سمنڊ جي وڏين طاقتن مان هڪڙو هو.

جھڪڻ جو سبب[سنواريو]

هن جهڪيل ٽاور سان 1173ع ۾ هڪ اڻ وڻندڙ حادثو پيش آيو. ٽاور جي منصوبي موجب ڪُل اَٺن طبقن يا ماڙن مان جڏهن شروعاتي ٽي ماڙا اڏجي تيار ٿيا ته ٽاور جو ڪجهه حصو زمين اندر ويهي رهيو ۽ اهو هڪ طرف جهُڪي پيو. تنهن کان پوءِ لڳاتار 180 سالن تائين انهيءَ جي جهڪاءُ کي درست ڪري ان کي سڌو ڪرڻ لاءِ سڄي دنيا جي ڪيترن ئي ڪاريگرن کي گهرايو ويو. نيٺ سن 1350ع ڌاري هڪ ماهر تعميرات ٽوماسوڊي اينڊر ياڊا پونٽيڊيرا (Tomasso di Andrea da Pontedera) هي ڏکيو ڪم ڪرڻ قبول ڪيو ۽ ٽاور جوڙي راس ڪيائين. گذريل اَٺن صدين کان وٺي اڄ تائين اهو پنهنجو جهڪاءُ برقرار رکيو اچي. 1999ع ۾ پيزا ٽاور جي جهڪاءَ واري حيثيت کي متاثر ڪرڻ کان سواءِ ان جي بنياد کي مضبوط ڪرڻ لاءِ محتاط طريقي سان ڪم شروع ڪيو ويو ته جيئن هن تاريخي علامت کي ڪِرڻ کان بچايو وڃي ۽ هن جي جهڪاءَ واري جڳ مشهور علامت به برقرار رهي.

آسپاس[سنواريو]

هن علائقي جي اتر ۾ ڪيمپوسانٽو (Campasanto) نالي قبرستان جيڪو چرچ سان وابسته آهـي، تـيـرهيـن عيـسـوي صـديءَ جي آخـر ۾ تعمير ٿيـو. هن قبرستان ۾ اڏيل ڇٽين جي ديوارن تي ٿيل فريسڪو پلاسٽر آرٽ گهڻي ڀاڱي ٻي عالمي لڙائيءَ دوران اتحادي ملڪن طرفان ڪيل بمباريءَ سبب تباهه ٿي ويو پر انهيءَ جا ٻه شاهڪار ٽرمف آف ڊيٿ (Triumph of Death) ۽ لاســٽ جـجـمـيـــنـٽ (Last Judgment) جيڪي چوڏهين صديءَ ۾ ٺهيا هئا، قدرتي طور بچي ويا آهن. مذڪوره نقش ڪيپيلا امانيٽي (Cappela Ammanati) نالي هڪڙي گوشي ۾ اُڪريل آهن، جنهن کي خوف ۽ هراس وارو هنڌ سڏجي ٿو. هتي نڪولا پسانو جا ڳچ مجسما ۽ پٿر تراشيل آهن. جن مان سندس فني ڪمال جو حقيقي تاثر ملي ٿو. [1]

حوالو[سنواريو]

حوالا[سنواريو]

  1. ڪتاب: انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد ٽيون، ڇپيندڙ: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي (ISBN: 978-969-9098-40-6) سال: 2011