پير الھيار شاھ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

الحاج حافظ سيد پير الهيار شاهه هاشمي ولد سيد پير نور شاهه جي ولادت 9 ذوالحج 1303ھ/ 8 سيپٽمبر 1886ع تي ٿي. گھر جي مذهبي ماحول جي ڪري ننڍپڻ ۾ ئي قرآن شريف کيس حفظ ڪرڻ جو شرف حاصل ٿيو. پير صاحب بردبار طبيعت جو مالڪ هو. حيثيت ۽ رتبي هئڻ جي باوجود -ان- وقت جي ٻين گھڻن پيرن وانگر سياسي رتبا ۽ رڪنيت حاصل ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪيائين. سندن لاڙو ثقافتي ڪمن ڏانهن گھڻو هو. هو سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ٿيندڙ ميلن ۾ شريڪ ٿي پهلوانن ۽ راڳيندڙن جي همت افزائي ڪندو هو. پير صاحب جي. ايم سيد سان گڏجي 1924ع مٽياري ساداتن جي تنظيم جو بنياد وڌو. پير الهيار شاهه 13 فيبروري 1947ع تي وفات ڪئي. سندن عرس هر سال 21 ربيع الثاني تي ملهايو ويندو آهي.[1]

حوالا[سنواريو]