پيرون

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

مئي ۽ جون جي مهيني ۾ ٿر جي ڄارين ۾ پيرون ٿيندا آهن. ڪَچن پيروئن کي مَاڇڪ ۽ پڪن کي پيرونءَ چوندا آهن. صبح ٿيڻ سان ئي عورتون ۽ ٻار، ٽٻڪ ٽٻڪڙا ۽ ٿانوَ، کڻي پيرونءَ جي ڄارين تي چڙهي پيرون چونڊين. پيرون ٿر جا ڄڻ ته انگور آهن.

پيرون سڪائي رکڻ جو طريقو[سنواريو]

ٿري بچيل پيروئن کي ڪپڙو وڇائي ان تي سڪائڻ لاءِ اس ۾ رکي ڇڏيندا آهن. انهن کي وقت به وقت ڪاٺي سان پيا اٿلائيندا آهن. پر هٿ ڪو نه لڳائيندا آهن، ڇو جو هٿ لڳائڻ سان پيرون خراب ٿي ويندا آهن. پوري نموني سڪڻ کانپوءِ انهن کي ڪپڙي جي ڳوٿرين يا ڪنهن ٺڪر جي ٿانو ۾ رکيو ڇڏين. ڏڪار وقت اهي پيرون به سندن خوراڪ جو اهم وسيلو آهن. انهن سڪايل پيروئن کي ڪوڪڙ به چوندا آهن.

پيرونءَ جو ڳُڙ[سنواريو]

تازن پيرن کي ماٽي ۾ وجهي پوءِ جهيرڻي يا منڌيءَ سان ولوڙي پاڻي ڪري پوءِ انکي ڇاڻي ٻج ڌار ڪري، باقي رس کي ڪاڙهي خشڪ ٿيڻ کان پوءِ ڪڍي ٿانوَ ۾ رکيو ڇڏين. ضرورت وقت پيروئن جي ان ڳُڙ کي چمچي سان ڪڍي کائيندا آهن.

پيرون جا فائدا:

پيرون مزاج ۾ سرد خشڪ ٿئي ٿو. سنڌ ۾ اڪثر ٿر جي علائقي ۾ ملي ٿو. برسات جي موسم ۾ اسري ٿو. پيرون سوڄ ختم ڪندڙ ۔ پيشاب جاري ڪندڙ ۽ گرمي ختم ڪندڙ آھي. جيري جي سوڄ ۔ معدي جي سوڄ ۽ جلندر ۾ ھن جو پاڻي نافع آھي. ھي پياس کي تسڪين ڏئي ٿو. جيري جي سوڄ ۾ پيرون ۽ ڪاسني جو پاڻي پيارڻ مفيد آھي. پيرون رحم جي سوڄ ختم ڪري ٿو. پيرون جو عرق مارڪيٽ ۾ دستياب آھي. جيڪڏھن ڪنھن کي سائي ٿئي اھو عرق پيرون ۽ عرق ڪاسني ملائي روز تولو صبح شام پيئي فائدو پوندو.

[1] [2]


  1. ٿر جي لوڪ ڏاهپ ۽ سائنس (مشڪور ڦلڪارو) | سنڌ سلامت ڪتاب گهر, وقت 2017-09-12 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2016-07-30 
  2. سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام