پنگتي تڪرار

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
مسلم ۽ يوناني ڪميونٽي جي فسان م قبرص ۾ ٿيل نقصان

پنگتي تڪرار يا فرقيوار فساد يا ڪميونل ڪانفلڪٽ(انگريزي: Communal Conflict) اصل ۾ هڪ اهڙي ڇڪتاڻ واري صورتحال، جنهن ۾ ٻه مختلف خيال رکندڙ ڌريون/ گروهه/ فرقا ۽ نسلي اڪائيون ، پنهنجن گروهي عقيدن ، ويساهن ، مفادن ۽ ڪٽر- پڻي سبب هڪٻئي کي ذهني ۽ جسماني اذيت ڏيڻ سميت ڪنهن به تشدد ڀري انتها تي پهڃي وڃن . هن قسم جي ڇڪتاڻ دوران تڪراري گروهه سندن وچ ۾ موجود اختلاف سهپ ۽ امن- ڀري ڳالهه ٻولهه بدران طاقت جي استعمال ۽ ڏاڍ وارن ورتائن ذريعي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهن ۽ ان ڏس ۾ هر انتها تائين وڃڻ لاءِ تيار هوندا آهن . ڇڪتاڻ جي ابتدا هڪٻئي خلاف زباني اظهار سان ٿيندي آهي ۽ انتها ڪمزور ڌُر جي قتلام تائين پهچي ويندي آهي . ننڍي کنڊ ۾ هندو- مسلم تڪرار، يورپ ۾ بوزنيائي گهوٽالي ، قبرص ۾ يوناني ۽ ترڪ ڇڪتاڻ ، فلسطين ۾ عرب- اسرائيلي ٽڪراءَ ۽ نازي جرمنيءَ ۾ يهودين جي صفايي جي مهم سميت دنيا جي هر حصي ۾ پنگتي تڪرار اُڀريا آهن، جنهن جي نتيجي ۾ تمام وڏن ڏچن ۽ انساني المين جنم ورتو آهي . عام طور هن قسم جي تڪرارکي اڻوڻندڙ ماضي هوندو آهي ۽ لاڳاپيل ڌرين ۾ٿيندڙ تڪرار جو سلسلو نسل در نسل کان منتقل ٿيندو رهندو آهي.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. سنڌي آنلائين ڊڪشنري[مئل ڳنڍڻو] پاران سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد