پلڙا
ڏيک
پَلڙَا (Acacia Pods) ٻَٻُر جي وڻ جون ڦَريون. انهن ڦرين ۾ اندر ”ٻٻر“ جو ٻج چيچڪن جي صورت ۾ هوندو آهي. سُڪل توڙي آلا پلڙا چوپايو مال، ٻڪريون، رڍون، ڳئون، مينهون ۽ اُٺ چاهه سان کائيندا آهن. پلڙن جو ٻج (چيچڪا) عورتون ڪارا وار ڪرڻ لاءِ مٿي ۾ به وجهنديون آهن. پلڙن ۾ خاص قسم جي رس ٿيندي آهي، جيڪو جانورن جي کَلُن صاف ڪرڻ ۽ رڱڻ ۾ ڪم ايندي آهي. شيخ اياز جي شاعريءَ ۾ به پلڙن جو ذڪر آهي:
ڪنڊيءَ نه سڱري، ٻٻر نه پلڙو،
سائو نه سلڙو، ڇانگو نه ڇيلڙا،
مارو اڪيلڙا![1]
حوالو
[سنواريو]حوالا
[سنواريو]- ↑ ڪتاب: انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد ٽيون، ڇپيندڙ: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي (ISBN 978-969-9098-40-6) سال: 2011