پليو

کليل ڄاڻ انسائيڪلوپيڊيا، وڪيپيڊيا مان
ڏانھن ٽپ ڏيو: رھنمائي, ڳولا
پليو باز

پليو (Brahminy fish kite / Haliastus Indus) وچولي ماپ جو هيءُ سهڻو باز 43 کان 51 سينٽي ميٽرن جو ٿيندو آهي. ان جو مٿو، ڳچي ۽ ڇاتي اڇي رنگ جي ٿئي، باقي جسم چمڪدار اخروٽي ٿئي. هن جي کنڀڙاٽيءَ جي ٻاهرئين ڪناري جا کنڀ گهرا ناسي ٿين ٿا. اڏامڻ مهل هيٺان کان اخروٽي پَرَ، کنڀڙاٽين جي ڪنـاري وارن ناسـي کنڀن کان جدا نظر ايـنـدا آهن. هـن جـي پکڙيل پرن جون ٻاهريون چوٽيون ڪاريون ٿين ٿيون ۽ پڇ هلڪو اخروٽي گلابي ڏسبو آهي. هن باز جو ٻچو گهرو ناسي ٿئي ٿو، جنهن جي کنڀن جا اڇا حصا ڀورين ليڪن جهڙا هوندا آهن. پِليي باز جي مڙيل چهنبَ، ميرانجهڙي اڇي ۽ ٽنگون پيليون هونديون آهن. ان جون اکيون هيڊيون ۽ اکين جي ماڻڪي ڪاري ٿئي ٿي.

ٻولي[سنواريو]

هن باز جي ٻولي اڏامڻ وقت سرڻ وانگر سنهي چنگهه واري ٿيندي آهي. ٻليءَ جي ميائون وانگر ’ڪِوِيئا...‘ يا ’ڪيير....‘ جي آواز سان ٻڌبي آهي. هي باز به ٻين بازن وانگر هوا ۾ پنهنجا ڊگها ۽ ويڪرا پر پکيڙي اڏامندو آهي ۽ وقت به وقت هوريان هوريان مڪمل کنڀڙاٽي هڻندو آهي. هي ڏسڻ ۾ ڪاري سرڻ (Black kite) (جنهن جو پڇ چوڪور ٿئي ٿو) جهڙو آهي ۽ شڪل شبيهه ۾ ڪڙل باز جهڙو لڳي ٿو. هي پکي عادت ۾ لاڏائو نه آهي ۽ جتي به رهندو آهي مقامي پکين وانگر رهي ٿو، پر اتي ڪنهن حد تائين خانه بدوشي ڪري سگهي ٿو. دنيا ۾ جتي جتي هي باز، خاص ڪري اوڀر ايشيا کان وٺي بنگلاديش، هندستان ۽ پاڪستان ۾ رهي ٿو، اُتي وطن بڻائي رهي ٿو، ان ڪري هن باز جا مقامي نالن کان سواءِ ٻيا به کوڙ نالا آهن. هن کي انگريزيءَ ۾‘Singapore Bald Eagle’ (سنگاپور جو گنجو باز) به سڏيو ويندو آهي. پِليو شڪاري هئڻ سان گڏوگڏ ڍونڍ خور باز به آهي. ان ڪري هن ۾ سرڻ ۽ عقاب جون گڏيل وصفون موجود آهن.

شڪار[سنواريو]

پِليو باز ننڍو شڪار ڪندو آهي، جنهن ۾ مڇي، کيکڙو، ڪوئا، ڪرڙانگ ۽ جيت شامل آهن. زمين ۽ پاڻي ٻنهي تي شڪار ڳوليندو رهندو آهي. عام طور زمين تان 20- 25 ميٽر مٿي پرواز ڪندو آهي. پاڻيءَ ۾ ٽٻي هڻي نه سگهندو آهي، ان ڪري مڇي يا ٻيو ڪو به آبي شڪار پاڻيءَ جي سطح تان ئي چنبن ۾ جهلي کڻي ويندو آهي ۽ اڏامندي ئي شڪار کائي وٺندو آهي ته متان ڪو ٻيو زوراور باز وغيره ڇڏائي نه وڃي. گند جي ڍير ي پيل شيون ۽ اڇلايل مڇي ۽ گوشت تي به لهي ٿو، ان ڪري سامونڊي ۽ درياهي مياڻين تي به نظر ايندو آهي. هي اڪثر سامونڊي ڪنارن ويجهو تِمر جي علائقي، گپ وارن ميدانن، مٺي پاڻيءَ جي ڍنڍن ۽ ساريال جي علائقن ۾ به ڏسبو آهي.

مند[سنواريو]

سيارو هن پکيءَ جي لڳ واري مند آهي. انهن ڏينهن ۾ اڏامڻ دوران ڪرتب بازي ڪندو آهي. پِليو جوڙو پنهنجي آکيري ۾ يا آکيري جي ويجهو لڳ ڪندو آهي. هي جوڙو تمر يا ڪنهن اوچي وڻ تي آکيرو جوڙيندو آهي. اهو وڻ عام طرح سُڪل هوندو آهي. ڌٻڻ وارن علائقن ۾ اهڙو آکيرو خشڪيءَ جي شڪارين کان محفوظ ٿئي ٿو، ان ڪري اهو زمين کان پنج ڇهه ميٽر مٿي هوندو آهي، پر خشڪ زمين واري علائقي ۾ اهو اڃا به مٿي ٿئي ٿو. پليو پنهنجي وڻ تي ٻئي پکيءَ جو آکيرو برداشت نه ڪندو آهي. هن جو آکيرو ٽارين ۽ ڪاٺڙين سان جُڙيل ۽ مضبوط ٿئي ٿو.

نسل[سنواريو]

عام طور 60 کان 90 سينٽي ميٽر ويڪرو ۽ 15-30 سينٽي ميٽر اونهو هوندو آهي ۽ خشڪ گپ سان ٿڦيل هوندو آهي. شروع ۾ آکيرو سنهو هوندو آهي، پر پوءِ جڏهن جوڙو ان کي ٻيهر استعمال ڪندو آهي ته ان جي وري وري مرمت ڪندو ويندو آهي. هن جي مادي اڇي رنگ جا ٻه آنا ڏيندي آهي، جن تي ڳاڙهسرا ناسي داغ هوندا آهن. نر ۽ ماد گڏجي ٻچا سنڀاليندا آهن. پليي باز لاءِ سنڌ ۾ رهائشي ماحول ڪجهه بهتر نه آهي، پر اهو اوڀر ايشيا ۾ سرڻ وانگر عام آهي. ملائيشيا ۾ هن کي ’جنگ جو ديوتا پکي‘ سمجهندا آهن ۽ ان جي موجودگيءَ مان فال ڪڍندا آهن، جڏهن ته ڪي ماڻهو هن کي وشنو ديوتا سان لاڳاپيل (گُرڙ پکي) سمجهندا آهن.[1]

حوالو[سنواريو]

  1. ڪتاب: انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد ٽيون، ڇپيندڙ: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي (ISBN: 978-969-9098-40-6) سال: 2011