پلاسٽڪ سرجري

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
پلاسٽڪ سرجري دوران

پلاسٽڪ سرجري (plastic surgery) سرجري جي هڪ شاخ، جنهن جو تعلق انساني جسم جي ڪنهن به ضايع يا مسخ ٿيل حصي کي ٻيهر ٺاهڻ يا ٺيڪ ڪرڻ آهي. هن خرابي جو سبب پئدائشي (مثال طور: ڪٽيل چپ) يا ڪنهن حادثي جو نتيجو به ٿي سگهي ٿي. پلاسٽڪ سرجري جو بنيادي مقصد عيبن کي ختم ڪرڻ، متاثر عضوي جي ڪارڪردگي بحال ڪرڻ ۽ ظاهري صورت کي بهتر بنائڻ هوندو آهي.

تاريخ[سنواريو]

پلاسٽڪ سرجري پراڻي وقت کان هلندڙ آهي. 2000 ق. م جي هندستان ۾ به ڪٽيل نڪ کي ٺيڪ ڪرڻ لاءِ آپريشن ڪيا ويندا هئا. ان دور ۾ نڪ ڪـٽـڻ هـڪ ســزا هئـي. قـديـم رومي ۽ يـونانـي مقالن ۾ به ان قسم جي سرجريءَ تي بحث ٿيل ملي ٿو. سورهين صديءَ تائين ان سلسلي ۾ ڪا ذڪر جوڳي اڳڀرائي نه ٿي. ويهين صديءَ ۾ ٻي عالمي جنگ کانپوءِ نـفـسيـاتـي عــلاج ۾ پلاسٽڪ سرجري جي اهميت ثابت ٿي وئي. جنگ ۾ زخمي ٿيندڙن جا متاثر عضوا بحال ڪيا ويا ۽ ڪاسميٽڪس جي لحاظ کان به انهن کي بهتر بڻايو ويو.

زيبائش[سنواريو]

اڄڪلهه آرائش ۽ زيبائش جي لاءِ به پلاسٽڪ سرجري انتهائي اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي، اهو به پلاسٽڪ سرجريءَ جو ڪمال آهي، جو انسان هڪ دفعو ٻيهر جوان ٿيو پوي. پلاسٽڪ سرجريءَ ذريعي جڳ مشهور پاپ گلوڪار مائيڪل جيڪسن به پنهنجي ڪاري رنگ کي ڀوري رنگ ۾ تبديل ڪرائي پنهنجا نقش تبديل ڪرايا هئا.[1]

حوالو[سنواريو]

حوالا[سنواريو]