پسي
ھن مضمون ۾ صفائيءَ جي ضرورت آھي. (ڊسمبر 2019ع)
پسي، ڪرڙ جيتوڻيڪ ڪَڙو آهي، پر ڏوٿين لاءِ وڏي وٿ آهي. ڪرڙ جي ڪچڙي ڪچڙي ٻونگر کي ساڳ ڪريو چاڙهين. پُسيءَ ۽ ڏؤنرن جو ٻوڙ ڪن. ڏؤنرن جو آچار بہ سنڌين پڪن مان وري تاهري چاڙهين. پسي زالون هيئن رڌينديون آهن، جو ٻاٽي پسي پٽي، سوئي ٺاهي ديڳڙي ۾ وجهي، ان ۾ پاڻي وجهي چاڙهي ڇڏينديون ٻڙڪائڻ. جڏهن پاڻي باقي وڃي، اڌرهندو، تڏهن وري ٻيو پاڻي وجهنديون. ائين ٻہ ٽي دفعا پاڻي وجهنديون، پوءِ پسيءَ کي اونڌي ڪنهن تڏي تي پکيڙي ڇڏينديون تہ ڦڪري ٿئي. صبح جو اٿي ديڳڙو چاڙهي انهيءَ ۾ ڇليل ٿوم ۽ گيھ وجهي داغ پچائينديون. پوءِ اها اونڌيل پسي ڌوئي صفا ڪري، ڏاڙهن مرچن ۽ ڪٽيلن ڌاڻن سان گڏي کڻي وجهنديون ديڳڙي ۾. گهڙي کن رڌي پوءِ لاهي رکنديون هيٺ بس پوءِ تہ پسي اهڙي ٿي پوندي، جو پلاءُ ڇڏجي پر پسي نہ ڇڏجي. وڏن وڏن طعامن سان ڪلهو هنيون بيهي. هيءَ کاڌو بہ ٺپ ٻهراڙين ۾ عام آهي. شهر وارن کي انهي ساءَ جو واءُ بہ ڪونهي.[1]
حوالا
[سنواريو]- ↑ {ڪتاب: سنڌ جي مدنيت؛ از:سيد منظور نقوي ؛ ٻيون ايڊيشن 1978، پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو، سنڌ. [http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book22/Book_page
4.html http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book22/Book_page 4.html] Check
value (مدد). line feed character in|url=
|url=
at position 67 (مدد); Missing or empty|title=
(مدد)}