پستڪ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

پستڪ __(Book)

مذهبي ڪتاب يا پوٿيءَ کي ’پستڪ‘ چيو ويندو آهي. پستڪ، ڌرمي به ٿيندو آهي ۽ علمي به.[1] ڊاڪٽر سنيتي ڪمار چئٽرجيءَ پنهنجيءَ ٺاهيل بنگالي ٻوليءَ جي تاريخ ۾ سنسڪرت لفظ ”پستڪ“ جو لاڳاپو پارسي لفظ ”پوست“ (کَل) سان ڄاڻايو آهي. هيءَ تاريخي ڳالهه آهي ته قديم ايراني لوڪ گاين جون کلون ڪاغذ يا پني جهڙيون سنهيون ڪري، انهن تي لکندا هئا. اها حقيقت ڊاڪٽر مارٽن هاگ پنهنجي ڪتاب ۾ پارسين جي مذهب ۽ ٻوليءَ جو ذڪر ڪندي صفح 136 ۾ ڄاڻائي آهي. ”پستڪ“ لفظ به ڄاڻائي ٿو ته قديم هندو لوڪ به ڪجهه وقت کلن تي لکندا هئا، جو گاين ۽ ڍڳن ڪهڻ ڳائي گوشت کائڻ جو رواج مهاڀارت واري زماني تائين به عام هو.[2]

حوالا[سنواريو]

  1. .ڪتاب:ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛مرتب: مختيار احمد ملاح؛پبلشر:سنڌ لئنگئيج اٿارٽي
  2. {ڪتاب: قديم سنڌ ؛ از: ڀيرومل مهرچند آڏواڻي ؛ چوٿون ايڊيشن 2004، پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book46/Book_page26.html#_ftn27.  Missing or empty |title= (مدد)