پرٿوُ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو

سٿين جي وقت ۾ پرٿوُ (پهلو) (Parthians) آيا. ”پيريپلس“ ۾ ڄاڻايل آهي، ته عيسوي پهرئين صديءَ ۾ اهي سٿين ۽ پرٿوُ سنڌ ۾ پاڻ ۾ پئي وڙهيا ۽ هڪٻئي کان زور ٿيڻ جي جاکوڙ پئي ڪيائون. پر ’چورن مٿان مور ٻيا‘- وچائين ڪشن لوڪ آيا، جي زور ٿيا.

ڪش گهراڻي جي راجا ڪنشڪَ ٻڌ ڌرم کي گهڻو زور وٺايو، جنهنڪري سنڌ سميت سڄي اتر هندستان ۾ اهو ڌرم هيڪاري وڌيو ۽ پکڙيو، کانئس پوءِ وسديو پهريون، ۽ وسديو ٻيو، سنڌ جا حاڪم ٿيا. موهن جو دڙو، ڪاهوءَ جو دڙو ۽ ٻيا هنڌ جتي ٻڌ ڌرم وارن جا ٺل ٺهيل آهن، سي ٺل انهيءَ وقت ۾ ٺهيا هئا. [1]

حوالا[سنواريو]