پرٿوي نارائڻ شاهه

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Mohar of king Prithvi Narayan Shah dated Saka Era 1685 (1763 CE)

ٻارهين صديءَ عيسويءَ ۾ مل يا مالا خاندن جي بادشاهت شروع ٿي، جيڪا ارڙهين صديءَ تائين جاري رهي ۽ مغلن جيان هنن جو دور به نيپال ۾ تاريخي جاين جي تعمير جو دور هو. پر جيئن هر دور ۾ محلاتي ۽ خانداني سازشون شروع ٿينديون آهن، جيڪي حڪومت تي انهن جي گرفت کي ڪمزور ڪري ڇڏينديون آهن. مل يا مالا خاندن سان به ايئن ٿيو ۽ آخر ۾ پرٿوي نارائڻ شاهه جيڪو گورکن مان هو، ان حملو ڪري حڪومت تي قبضو ڪيو. ان کان اڳ ۾ نيپال (انگريزي ٻولي: Nepal) جي رياست ڄڻ کٽمنڊو (انگريزي ٻولي: Kathmandu) ۽ ان جي آسپاس تائين محدود هئي. پر ان ئي زماني ۾ انگريز به انڊيا ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ (انگريزي ٻولي: East India Company) جي ذريعي پنهنجا پير کوڙي رهيا هئا. انهن ڳالهين کي ذهن ۾ رکندي پرٿوي نارائڻ شاهه (انگريزي ٻولي: Prithvi Narayan Shah) اهو ضروري سمجھيو ته نيپال جون ٻيون جيڪي ننڍيون ننڍيون رياستون يا علائقا آهن, انهن کي ملائي هڪ وڏي ۽ مظبوط رياست جو بنياد وڌو وڃي ۽ ان ڪري هنن هٿيارن ۽ ڳالهين جي زور تي پنهنجي رياست کي وسعت ڏيڻ شروع ڪئي. پرٿوي نارائڻ شاهه (वडामहाराजधिराज पृथ्वीनारायण शाह) نيپال کي هڪ مظبوط ملڪ بڻايو ۽ اهو ڄاڻندي ته هن جو ملڪ ٻن پهاڙن (انڊيا ۽ چائنا) جي وچ ۾ آهي، هن پنهنجي ملڪ جي معاشي ۽ خارجه پاليسي اهڙي ٺاهي ته جيئن پاڻ بچائي هلي سگھجي. هن جي اها دورانديش پاليسي نيپال کي گھڻي وقت تائين ڪم ايندي رهي.[1] [2] [3]